امام الدين مجددي: خواجہ امام الدين مجدديءَ جو شمار سنڌ جو وڏو عالم هو . سندس والد خواجہ نظام الدين مجددي تصوف جو ڄاڻو ۽ باعمل بزرگ هو . هو پشاور ۾ ڄائو ۽ پوءِ پنهنجن ٻن پٽن سان گڏ سنڌ ۾ آيو . ان وقت سنڌ ۾ امير تيمور بن احمد شاھہ ابداليءَ پاران شڪارپور جو حاڪم نواب مولا داد خان افغاني هو ، جيڪو خواجہ نظام الدين جو معتقد هو .هيءُ خاندان اڄ تائين شڪارپور ۾ رهي ٿو . ٽالپرن پڻ هن گهراڻي کي ڪيتريون جاگيرون نذراني طور ڏنيون . خواجہ نظام الدين جي وفات کان پوءِ ، سندس وڏو فرزند امام الدين مجددي سجادہ نشين ٿيو،هو هڪ صاحب ڪمال بزرگ هو ، جنهن وٽ هندو توڙي مسلمان زميندار ۽ عملدار سلامي ڀرڻ ايندا هئا .سندس ڪلام ، گهڻو ڪري فارسي زبان ۾ آهي . آخري عمر ۾ پاڻ حرمين جي زيارت لاءِ ويو . ۽ واپس موٽندي ، ڪراچيءَ کان هڪ ٻيڙيءَ رستي سکر اچي رهيو هو تہ لڪيءَ وٽ سڀني کي ” الوداع “ چيائين ۽ 28 رجب 1294ھہ/1877ع ۾ رحلت ڪيائين . کيس لڪيءَ جي جبلن ۾ امانت طور دفن ڪيو ويو ، جتان پوءِ سندس فرزند لاش کڻائي اچي شڪارپور ۾ ، خواجہ نظام الدين جي ڀرسان دفنايو .
1294.07.28 هجري
امام الدين مجددي 28 رجب 1294هه/1877ع ۾ رحلت ڪيائين
1877.00.00 عيسوي
امام الدين مجددي 28 رجب 1294هه/1877ع ۾ رحلت ڪيائين