امام الدين مجددي

امام الدين مجددي: خواجہ امام الدين مجدديءَ جو شمار سنڌ جو وڏو عالم هو . سندس والد خواجہ نظام الدين مجددي تصوف جو ڄاڻو ۽ باعمل بزرگ هو . هو پشاور ۾ ڄائو ۽ پوءِ پنهنجن ٻن پٽن سان گڏ سنڌ ۾ آيو . ان وقت سنڌ ۾ امير تيمور بن احمد شاھہ ابداليءَ پاران شڪارپور جو حاڪم نواب مولا داد خان افغاني هو ، جيڪو خواجہ نظام الدين جو معتقد هو .هيءُ خاندان اڄ تائين شڪارپور ۾ رهي ٿو . ٽالپرن پڻ هن گهراڻي کي ڪيتريون جاگيرون نذراني طور ڏنيون . خواجہ نظام الدين جي وفات کان پوءِ ، سندس وڏو فرزند امام الدين مجددي سجادہ نشين ٿيو،هو هڪ صاحب ڪمال بزرگ هو ، جنهن وٽ هندو توڙي مسلمان زميندار ۽ عملدار سلامي ڀرڻ ايندا هئا .سندس ڪلام ، گهڻو ڪري فارسي زبان ۾ آهي . آخري عمر ۾ پاڻ حرمين جي زيارت لاءِ ويو . ۽ واپس موٽندي ، ڪراچيءَ کان هڪ ٻيڙيءَ رستي سکر اچي رهيو هو تہ لڪيءَ وٽ سڀني کي ” الوداع “ چيائين ۽ 28 رجب 1294ھہ/1877ع ۾ رحلت ڪيائين . کيس لڪيءَ جي جبلن ۾ امانت طور دفن ڪيو ويو ، جتان پوءِ سندس فرزند لاش کڻائي اچي شڪارپور ۾ ، خواجہ نظام الدين جي ڀرسان دفنايو .


لفظ امام الدين مجدديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1294.07.28  هجري

امام الدين مجددي 28 رجب 1294هه/1877ع ۾ رحلت ڪيائين


1877.00.00  عيسوي

امام الدين مجددي 28 رجب 1294هه/1877ع ۾ رحلت ڪيائين



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شمس الحسن سيد
آغا محمد علي
سيد ناز لطيفي
الياس ٿري
گل محمد قريشي حڪيم
تيج موٽومل ڀاڳچنداڻي قابل
حافظ عبدالرحيم
دائود شورو
لعل پشپ
سهراب مگسي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون