امام بارگاهه
امام بارگاهه: امام بارگاهه ان جڳهه کي چيو ويندو آهي جتي امامن جون مجلسون ۽ محفلون برپا ڪيون وڃن. اصل ۾ امام بارگاهه کي سنڌيءَ ۾ امام جو پِڙ چيو ويندو آهي ۽ اردوءَ ۾ ’امام باڙه‘ چوندا آهن. اڪثر محرم جي ڏهاڙن ۾ شهداءِ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ مجلسون، ماتمداري ۽ جلوس انهن پِڙن (امام بارگاهه) ۾ برپا ڪيا ويندا آهن. سنڌ ۾ عزاداريءَ جو مرڪز ڪلهوڙن جي دور کان وٺي حيدرآباد رهيو آهي. پر ٽالپرن جي دور ۾ حيدرآباد وڌيڪ زور ورتو. هن وقت سڄيءَ سنڌ ۾ لاتعداد امام بارگاهون آهن، پر حيدرآباد اڄ به مرڪز آهي. حيدرآباد ۾ قديم ۾ قديم امام بارگاهه ٽنڊي آغا جي علائقي ۾ ”امام بارگاهه علي آباد“ جي نالي سان مشهور آهي. هن امام بارگاهه ۾ فاتحه سنڌ مير فتح علي خان ٽالپر جو سنڌ ۾ پهريون ڪاٺ جو ٺهرايل تعزيو پڻ رکيل آهي. حيدرآباد سميت سڄي ملڪ ۾ هن وقت لاتعداد امام بارگاهون موجود آهن.