امام بارگاهه

امام بارگاهه

امام بارگاھہ

امام بارگاھہ: امام بارگاھہ ان جڳھہ کي چيو ويندو آهي جتي امامن جون مجلسون ۽ محفلون برپا ڪيون وڃن. اصل ۾ امام بارگاھہ کي سنڌيءَ ۾ امام جو پِڙ چيو ويندو آهي ۽ اردوءَ ۾ ’امام باڙه‘ چوندا آهن. اڪثر محرم جي ڏهاڙن ۾ شهداءِ ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ مجلسون، ماتمداري ۽ جلوس انهن پِڙن (امام بارگاھہ) ۾ برپا ڪيا ويندا آهن. سنڌ ۾ عزاداريءَ جو مرڪز ڪلهوڙن جي دور کان وٺي حيدرآباد رهيو آهي. پر ٽالپرن جي دور ۾ حيدرآباد وڌيڪ زور ورتو. هن وقت سڄيءَ سنڌ ۾ لاتعداد امام بارگاهون آهن، پر حيدرآباد اڄ بہ مرڪز آهي. حيدرآباد ۾ قديم ۾ قديم امام بارگاھہ ٽنڊي آغا جي علائقي ۾ ”امام بارگاھہ علي آباد“ جي نالي سان مشھور آهي. هن امام بارگاھہ ۾ فاتحہ سنڌ مير فتح علي خان ٽالپر جو سنڌ ۾ پهريون ڪاٺ جو ٺهرايل تعزيو پڻ رکيل آهي. حيدرآباد سميت سڄي ملڪ ۾ هن وقت لاتعداد امام بارگاهون موجود آهن.


لفظ امام بارگاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو