امام بارگاھہ2: خيرپور ميرس ۾ هي اڏاوت ميرن جي صاحبيءَ وارن ڏينهن جي آهي. ھتي مير سھراب خان، سيد بندہ علي شاھہ کي شھر ۾ ھڪ خوبصورت امام بارگاھہ ٺھرائي ڏني ھئي. جتي عزادار عزاداري ڪندا ھئا. ان جي ڀرسان ڪجهہ تجرون بہ ماتمين لاءِ ٺھرايون ھئائين. اڄڪلھہ امام بارگاھہ ۾ کھنبي ۽ اوٺي جو ماتم ٿيندو آھي. اھو ايوان علي رضا شاھہ جو ٿلھو ڪري بہ سڏبو آھي.