امام بخاريءَ جو مقبرو

امام بخاريءَ جو مقبرو

امام بخاري

امام بخاري رحه: سندس پورو نالو محمد بن اسماعيل ابو عبدالله الجوفي هو. هو 194ھہ/810ع ڌاري بخارا ۾ پيدا ٿيو. اڃا 17 سالن جي عمر جو هو تہ ماءُ سان گڏ حج ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ويو، جتي علم پرائڻ لاءِ رهي پيو. 18 سالن جي ڄمار ۾ ڪتاب ”قضاياءِ صحابہ وتابعين“ لکيائين. کيس تاريخ ۽ حديث سان ڏاڍو لڳاءُ هو. ان اڃ اجهائڻ لاءِ مديني پاڪ ويو. پاڻ ڪريم صلي عليہ وسلم جن جي مقبري وٽ ويهي ”تاريخ ڪبير“ لکيائين. سندس وڏو ڪم ۽ وڏو مقصد حديثون گڏ ڪرڻ هو، ان لاءِ ڪيترن ئي هنڌن جو سفر ڪيائين. اٽڪل اسي هزار اهڙن ماڻهن سان مليو، جن وٽ حديثون هيون. ذري گهٽ ڇھہ لک حديثون گڏ ڪيائين، جن مان ڪي مستند هيون تہ ڪي غير مستند. انهيءَ ڪم کان واندو ٿيو تہ حديث نگاريءَ جو اهم ڪتاب لکڻ ويٺو. ان ۾ ڇھہ هزار حديثون لکيائين ۽ اهو ڪتاب پوريءَ دنيا ۾ ”صحيح بخاريءَ“ جي نالي سان مشھور آهي.
امام بخاريصحيح بخاري“ لکڻ ۾ 18 سال لڳايا. هيءُ ڪتاب اسلامي دنيا ۾ تمام گهڻي عزت سان پڙهيو وڃي ٿو. صحيح بخاريءَ کان سواءِ پاڻ ادب ۽ فقہ وغيرہ تي اٽڪل 12 ڪتاب ٻيا بہ لکيائين. 256ھہ/870ع ۾ وفات ڪري ويو .


لفظ امام بخاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0810.00.00  عيسوي

امام بخاري رحه 810ع ڌاري بخارا ۾ پيدا ٿيو


0870.00.00  عيسوي

امام بخاري رحه 870ع ۾ وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جماڻي مدن
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
بزمي نثار جوڻيجو
حافظ رفيق احمد انڍڙ
محمد ميان سومرو
مخدوم محمد اسماعيل سومرو
بجار خان ڊومبڪي
حڪيم محمد عمر لاکو
تيجومل
غلام نبي جهلڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون