امام بخش خادم

امام بخش ’خادم ‘:امام بخش ”خادم“ سنڌي غزل جو مشھور شاعر ٿي گذريو آهي، جيڪو 1861ع ۾ محمد بچل بدويءَ جي گهر، شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ماءُ جي فوت ٿي وڃڻ ڪري سندس پالنا ناناڻن ڪئي. 1869ع ۾ آخوند قمرالدين جي مدرسي ۾ سنڌي پڙهڻ ويٺو. 1873ع ۾ پنج درجا پاس ڪري، سنڌي فائنل ڏنائين. ان کان پوءِ انگريزيءَ جا ٽي درجا پڙهي، ٽريننگ ڪاليج، حيدرآباد ۾ داخلا ورتائين، جتان 1879ع ۾ سرٽيفڪيٽ ورتائين ۽ حيدرآباد جي ئي هڪ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. اتي ئي سندس ملاقات سنڌ جي مشھور شاعرن، سيد فاضل شاھہ، فضل محمد ”ماتم“ ۽ خليفي محمد قاسم هالائيءَ سان ٿي. شاعريءَ جو شوق اڳ ۾ ئي هئس، ويتر سٺي سنگت جي ڪري وڏن شاعرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. 1880ع ۾ شڪارپور بدلي ٿي ويو، جتي اسڪول جو هيڊماستر ٿيو. 1886ع ۾ سکر بدلي ٿي ويو. 1896ع ۾ ئي ڪٽنب سوڌو حج ڪيائين. ان کان پوءِ مختلف هنڌن تي پنھنجي پيشي سان نباھہ ڪيائين. 1912ع ۾ استعيفيٰ ڏيئي، لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول ٿي ويو. هن ’هير رانجهو‘ ڊرامو، ’حاتم طائيءَ جو قصو‘، ’چار درويش‘، ’بھرام گور‘، ’انشاءِ خادم‘، ’الف ليليٰ‘، ’فوائدالمبتدي‘ (فارسيءَ ۾)، ’نانگ وارو معجزو‘ (نظم ۾)، ’مثنوي نگار‘، ’دودو چنيسر‘ ۽ ’ڪليات خادم‘ ڪتاب لکيا. سندس ڪلام ’بھار اخلاق‘، ’تحفه احباب‘ ’آفتاب‘، ۽ ’سنڌ سڌار‘ جهڙن رسالن ۾ شايع ٿيو. مشھور شاعر ۽ اديب، لطف ﷲ بدوي سندس فرزند هو. حاجي امام بخش ’خادم‘، جنوري 1336ھہ/1918ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ امام بخش خادمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1861.00.00  عيسوي

امام بخش ’خادم‘ 1861ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو


1918.00.00  عيسوي

امام بخش ’خادم‘ 1918ع ۾ وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ محمد
صوفي شرف الدين شرف
ڀڳت ڪبير
ابڙو روبينا
غلام نبي اداسي
دريا خان فقير
پرسرام ارجن داس ڪمل
عـاشـق عـارباڻـي
صالح فقير گوهري
حاجي نور محمد شاھہ نورل
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون