امام بخش سومرو، حافظ: حافظ امام بخش سومرو 11 آگسٽ 1897ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ننڍي هوندي کان ئي کيس ڪتاب پڙهڻ جو شوق هوس. آخوند عبدالرحمان تنيو سندس پهريون استاد هو ۽ قرآن پاڪ حفظ ڪرڻ جي سلسلي ۾ حافظ امام الدين، حافظ محمد قاسم سومري ۽ حافظ محمد يونس کان رهنمائي حاصل ڪيائين. کيس نوجواني کان وٺي ذڪر الاهي جو شوق هو، ان کان سواءِ تھجد گذار پڻ هو. ميان غلام صديق ميمڻ جي قائم ڪيل مدرسي ”مدرسہ نور محمديه“ مان عربي ۽ فارسي پڙهي عالم فاضل ٿيو. حافظ صاحب سمورو ڏينهن عبادت الاهي ۾مشغول رهندو هو، پر ترت ئي استادن جي حڪم تي مختلف مدرسن ۾ درس و تدريس ڏيڻ ۾ مصروف ٿي ويو. حافظ امام بخش قادري جي طريقي ۾ سيد محمد صالح شاھہ راڻيپوري، مفتي غلام عمر جتوئي ۽ خواجہ محمد عمر جان جي صحبت حاصل ڪيائين. کيس فقہ جي علم ۾ خاص مهارت حاصل هئي، سنڌي زبان ۾ سخن جو سلسلو بہ ڪجهہ برقرار رکيائين، جنهن ڪري ڪجهہ بيت ۽ مولود پڻ چيا اٿس.
حافظ امام بخش فقيراڻي طبيعت جو مالڪ هو، سندس استاد هن کان تمام گهڻو خوش هئا، کيس ڇھہ دفعا بيت ﷲ'>حج بيت ﷲ جي زيارت جو شرف نصيب ٿيو. پاڻ حضرت قلندر لعل شھباز سان عقيدت جو اظهار ڪندا هئا. سندس شاگردن مان ڪيترائي ڄڻا عالم بڻجي ويا. هن 999 شاگردن کي حافظ قرآن بڻايو. هن عظيم بزرگ 9 سيپٽيمبر 1968ع ڌاري وفات ڪئي.
1897.08.11 عيسوي
حافظ امام بخش سومرو 11 آگسٽ 1897ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو
1968.09.11 عيسوي
حافظ امام بخش سومري 11 سيپٽيمبر 1968ع ڌاري وفات ڪئي