امام بخش شمس

امام بخش ’شمس ‘:عالم ۽ اديب امام بخش شمس ولد ڪريم بخش ميمڻ پهرين جنوري 1940ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. ايم. اي پوليٽيڪل سائنس، ايم. اي سوشالاجي، بي. ايڊ ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. پيشي جي لحاظ کان پروفيسر هو. هن 26 فيبروري 1969ع تي ’انجن تحفظ اسلام شڪارپور‘ (رجسٽرڊ) نالي هڪ ادارو قائم ڪيو، جنهن طرفان ڪيترائي اصلاحي ڪتاب شايع ڪيائين. سندس لکيل ڪتابن مان: (1) نورِ هدايت (2) هدايتِ محمّدي (3) مشعلِ مصطفيٰ (4)راهِ عمل(5)گلدستهء احاديث نبوي صلي عليہ وسلم (6) راهِه نجات (7) راهِ سعادت ۽ (8)روشن راھہ وغيرہ شايع ٿيا.


لفظ امام بخش شمسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

01.01.1940  عيسوي

عالم ۽ اديب امام بخش شمس ولد ڪريم بخش ميمڻ پهرين جنوري 1940ع تي شڪارپور ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جهانگيرڪرامت
ابنِ انشا
سوامي گنگارام
برڪت علي ڀٽ
سليمان خان ٽالپر
پيرل پياسي
فضا غزل
ڏگو نور محمد
چانڊيو خادم حسين
ڪلال
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون