امام بخش قادري

امام بخش قادري

امام بخش قادري

امام بخش قادري: امام بخش قادري حنفي چشتي، درگاھہ فضل آباد، ڪليامي شريف فيض گنج، ضلعي خيرپورميرس جو سجادہ نشين آهي. هن 1975ع ۾ حاجي ارباب بلوچ جي گهر جنم ورتو. بي. ايڊ شاھہ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي. ان کان سواءِ فاضل طب و جراحت مھراڻ طبيه ڪاليج موري مان، ديني تعليم حسين شاھہ جيلانيءَ جي مدرسي قنبر ۽ مفتي خان محمد عباسي ٻانڌيءَ واري کان حاصل ڪيائين. پاڻ قادري ۽ چشتي سلسلي ۾ خلافت ۽ خرقو محمد صديق وفائي واھہ ڪينٽ اسلام آباد کان، قادريه راشديه سلسلي ۾ پير سيد زين العابدين شاھہ راشديءَ کان ۽ نقشبندي سلسلي ۾ ميان غوث محمد گوهر ڪوٽڙي ڪبير کان حاصل ڪري درگاھہ عاليه فضل آباد ڪليامي جو سجادہ نشين ٿيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’قاديانين جا ڪفريات‘، ’سلسله نقشبنديه حسينيه جو شجرو‘، ’مناقب اولاد ابو صالح جنگي دوست درجواب ڪذب وبھتان ماستر خدا دوست‘، ’علم غيب النبي صہ‘، ’مخزن الشفاء (طب)‘، ’معراج النبي صہ‘، ’مِيلاد پاڪ‘ ۽ ’شجره شر بلوچ قوم‘ قابل ذڪر آهن. سندس درگاھہ ۾ لائبرري قائم آهي، جنھن ۾ علم تفسير، حديث، فقھ، تاريخ، سيرت، سائنس، ميڊيڪل، طب، مناظره، تصوف، لغت وغيرہ موضوعن تي لڳ ڀڳ ٽيھه هزار نوان پراڻا ۽ ان سان گڏ چار سئو کن مختلف موضوعن تي قلمي نسخا موجود آهن. سندس درگاھہ تي هر مھيني جي يارهين تاريخ تي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. جتي هڪ ميوزيم بہ قائم ڪيو ويو آهي، جنھن ۾ پراڻا سِڪا ۽ مھرون، پٿر، تبرڪات ۽ ٻيا تاريخي نوادرات موجود آهن. سنڌ کان سواءِ اسلام آباد، راولپنڊي تائين سندس مريد آهن.


لفظ امام بخش قادريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو