امام بري جو مقبرو

امام بري جو مقبرو

امام بري

امام بري: مشھور بزرگ امام بريءَ جو اصل نالو شاھہ عبداللطيف بري هو، هن ضلعي جھلم (پنجاب) ۾ 1617ع ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو شاھہ محمود هو. امام بري ننڍي هوندي کان عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهندو هو. خاندان جي ڪجهہ مخالف ماڻهن جي ڪري شاھہ محمود پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي باغ ڪلان علاقه گولڙا راولپنڊيءَ ۾ اچي رهائش پذير ٿيو، جتي هن پنھنجي فرزند امام بريءَ جي تعليم جاري رکي. امام بري عرفان ۽ علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ حج ۽ مقدس زيارتن لاءِ روانو ٿيو. واپس اچڻ کان پوءِ موجودہ اسلام آباد واري علائقي ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين ۽ اتي رهي رشد ۽ هدايت جو آغاز ڪيائين، سندس علم ۽ ڄاڻ مان لکين ماڻهو فيضياب ٿيا. سندن ڪوششن سان ئي هتي جي ٻن قبيلن ڍونڊن ۽ رسين اسلام قبوليو. سندس ڳوٺ ”چورپور“، هاڻي ”نورپور“ جي نالي سان مشھور آهي. ”حديقته الاولياءَ“ جو صاحب لکي ٿو تہ: ”شاھہ لطيف بري پنجاب جي بزرگن مان هڪ هو، سندس هزارين ڪرامتون مشھور آهن. هو وڏو عابد، زاهد، متقي، گوشه نشين ۽ هڏ ڏوکي هو. سندس هزارين مريدن مان وڏيون بزرگ هستيون ٿيون. سندس علم ۽ عرفان ڪمال درجي تي پهتل هو“. هن عظيم بزرگ هستيءَ پنھنجي ڳوٺ ۾ 964 ھہ/1556ع ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو آبپاره اسلام آباد ۾ موجود آهي، جتي اڄ بہ هر خاص ۽ عام زيارت لاءِ ايندا آهن.


لفظ امام بريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1617.00.00  عيسوي

امام بري: مشهور بزرگ امام بريءَ جو اصل نالو شاهه عبداللطيف بري هو ، هن ضلعي جهلم ( پنجاب ) ۾ 1617ع ۾ جنم ورتو ،


0964.00.00  هجري

امام بري: هن عظيم بزرگ هستيءَ پنهنجي ڳوٺ ۾ 964 هه/1556ع ۾ وفات ڪئي . سندس مقبرو آبپاره اسلام آباد ۾ موجود آهي ، جتي اڄ به هر خاص ۽ عام زيارت لاءِ ايندا آهن .


1556.00.00  عيسوي

هن عظيم بزرگ هستيءَ پنهنجي ڳوٺ ۾ 964 هه/1556ع ۾ وفات ڪئي . سندس مقبرو آبپاره اسلام آباد ۾ موجود آهي ، جتي اڄ به هر خاص ۽ عام زيارت لاءِ ايندا آهن .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀنڊ نظير احمد
احسان دانش ڀٽو
سئلبئنڪ جوزف سالبئنڪ جوزف
ليار ملھہ خاصخيلي
پليجو غلام قادر
خليفو محمد خان جمالي
خانواڻي روچيرام تيرٿداس
حسن ناصر
سندر بوٽاڻي
علم الدين بلو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون