امام ترمذي

امام ترمذي (محدث ):206ھہ/821ع ۾ ايران جي ’بوغ‘ نالي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. محدث امام ترمذيءَ جو نالو فقہ جي وڏن عالمن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن جو اصل نالو محمد بن عيسيٰ بن سوده بن موسيٰ بن ضحاڪ هو ۽ سندس ڪنيت ابوعيسيٰ هئي. ترمذ ۾ رهائش سبب ترمذي مشھور ٿيو.
امام ترمذي، امام بخاريءَ جو شاگرد هو. بعد ۾ امام مسلم، امام ابودائود ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمن ۽ استادن کان علمي استفادو حاصل ڪيائين. حديث جي طلب ۾ ڪيترن ئي علمي مرڪزن جو سفر ڪيائين ۽ حديثن جو هڪ مجموعو مرتب ڪيائين، جيڪو ”جامع ترمذيءَ“ جي نالي سان مشھور آهي ۽ حديث جي ڇھن مستند ڪتابن: ”صحاح سته“ ۾ شامل آهي. جامع ترمذيءَ کان علاوہ هن ”شمائل ترمذي“ بہ لکيو. ”جامع ترمذيءَ“ جون 17 شرحون آهن ۽ ”شمائل ترمذي“ جون 14 يا 15 شرحون آهن.
امام ترمذيءَ جي باري ۾ اها بہ روايت آهي تہ پاڻ پيدائشي نابين هو. ٻيءَ روايت موجب، خدا جي خوف جي ڪري مسلسل روئڻ سبب نابين ٿي ويو هو. 17 رجب 279ھہ/13 آڪٽوبر 892ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0821.00.00  عيسوي

امام ترمذي ( محدث ) : 206هه/821ع ۾ -ايران- جي ’ بوغ ‘ نالي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو . محدث -امام- ترمذيءَ جو نالو فقہ جي وڏن عالمن ۾ شمار ٿئي ٿو . هن


0206.00.00  هجري

امام ترمذي ( محدث ) : 206هه/821ع ۾ -ايران- جي ’ بوغ ‘ نالي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو . محدث -امام- ترمذيءَ جو نالو فقہ جي وڏن عالمن ۾ شمار ٿئي ٿو . هن



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مخدوم محمد صادق ٺٽوي
حافظ سخي محمد مهراڻ
قاضي محمد جعفري ٺٽوي
مولانا نور محمد شهدادڪوٽي
حافظ محمد صديق رح
شنڪر آچاريا
شيخ محمد حيات سنڌي
شريف المجاهد پروفيسر
عـبـدالواحد علامہ
علي محمد مهيري، مولانا
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون