امام حسن عليہ السلام: حضرت امام حسن المجتبيٰ عليہ السلام ، حضرت علي عليہ السلام ۽ بيبي فاطمة الزهرا جو فرزند ۽ حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو ڏهٽو 15 رمضان 3 ھہ (625ع) تي مديني ۾ پيدا ٿيو. سندس ولادت تي حضور صلي ﷲ عليہ وسلم، حضرت علي عليہ السلام ۽ بيبي فاطمة الزهرا جي گهر آيو ۽ مولود جو نالو ”حسن“ رکيائون. پاڻ سڳورن کي امام حسن سان غير معمولي محبت هئي ۽ پاڻ هر روز پنھنجي ڏهٽي کي ڏسڻ لاءِ ويندا هئا. حضور صلي ﷲ عليہ وسلم جن امام حسن عليہ السلام جي وڏن نازن سان پرورش ڪئي. اٺن سالن جا ٿيا تہ حضور صلعم جن جو وصال ٿي ويو. پاڻ عرب جي وڏن بهادرن ۾ ڳڻيا ويندا هئا ۽ پنھنجي والد حضرت علي سان گڏ جنگ جمل، جنگ صفين ۽ جنگ نهروان ۾ شامل رهيا.
حضرت علي عليہ السلام جي 21 رمضان 40 ھہ (661ع) تي شهادت کان پوءِ امام حسن مديني اچي رهيا ۽ پنھنجي باقي زندگي عبادت ۾ گذاريائون. آخرڪار وڏي سازش تحت کين 28 صفر 50ھہ (670ع) تي زهر ڏياري شھيد ڪيو ويو ۽ سندن جنازي تي تير پڻ هلرايا ويا. سندن تدفين جنت البقيعه ۾ ٿي.
امام حسن عليہ السلام صورت و سيرت ۾ آنحضور صلي ﷲ عليہ وسلم جي مشابھہ هئا. پاڻ هميشہ عبادت الاهيءَ ۾ مصروف هوندا هئا. پاڻ عظيم الشان سلطنت کي محض انساني جانين کي خون خرابي کان بچائڻ خاطر ڇڏي ڏنو هئائون. پاڻ وڏا فياض هئا ۽ ٻين جي فياضي ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيندا هئا. حضور اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم هڪ موقعي تي ارشاد فرمايو ته، ”حسن کي منهنجو علم ۽ منهنجي صورت ملي آهي“. اهل تشيعه حضرات جو پهريون امام، حضرت علي عليہ السلام ۽ ٻيو امام حضرت حسن عليہ السلام آهي.
هجري
هجري
هجري
عيسوي