امام حسن عليہ السلام

امام حسن عليہ السلام: حضرت امام حسن المجتبيٰ عليہ السلام ، حضرت علي عليہ السلام ۽ بيبي فاطمة الزهرا جو فرزند ۽ حضرت محمد صلي عليہ وسلم جن جو ڏهٽو 15 رمضان 3 ھہ (625ع) تي مديني ۾ پيدا ٿيو. سندس ولادت تي حضور صلي عليہ وسلم، حضرت علي عليہ السلام ۽ بيبي فاطمة الزهرا جي گهر آيو ۽ مولود جو نالو ”حسن“ رکيائون. پاڻ سڳورن کي امام حسن سان غير معمولي محبت هئي ۽ پاڻ هر روز پنھنجي ڏهٽي کي ڏسڻ لاءِ ويندا هئا. حضور صلي عليہ وسلم جن امام حسن عليہ السلام جي وڏن نازن سان پرورش ڪئي. اٺن سالن جا ٿيا تہ حضور صلعم جن جو وصال ٿي ويو. پاڻ عرب جي وڏن بهادرن ۾ ڳڻيا ويندا هئا ۽ پنھنجي والد حضرت علي سان گڏ جنگ جمل، جنگ صفين ۽ جنگ نهروان ۾ شامل رهيا. حضرت علي عليہ السلام جي 21 رمضان 40 ھہ (661ع) تي شهادت کان پوءِ امام حسن مديني اچي رهيا ۽ پنھنجي باقي زندگي عبادت ۾ گذاريائون. آخرڪار وڏي سازش تحت کين 28 صفر 50ھہ (670ع) تي زهر ڏياري شھيد ڪيو ويو ۽ سندن جنازي تي تير پڻ هلرايا ويا. سندن تدفين جنت البقيعه ۾ ٿي.
امام حسن عليہ السلام صورت و سيرت ۾ آنحضور صلي عليہ وسلم جي مشابھہ هئا. پاڻ هميشہ عبادت الاهيءَ ۾ مصروف هوندا هئا. پاڻ عظيم الشان سلطنت کي محض انساني جانين کي خون خرابي کان بچائڻ خاطر ڇڏي ڏنو هئائون. پاڻ وڏا فياض هئا ۽ ٻين جي فياضي ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيندا هئا. حضور اڪرم صلي عليہ وسلم هڪ موقعي تي ارشاد فرمايو ته، ”حسن کي منهنجو علم ۽ منهنجي صورت ملي آهي“. اهل تشيعه حضرات جو پهريون امام، حضرت علي عليہ السلام ۽ ٻيو امام حضرت حسن عليہ السلام آهي.


لفظ امام حسن عليہ السلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو