
حضرت امام حسين عليه السلام جو مقبرو
امام حسين عليہ السلام: حضرت امام حسين عليہ السلام، حضرت علي ۽ بيبي فاطمہ جو فرزند ۽ حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم جو ڏهٽو 3 شعبان 4 ھہ مطابق 8 جنوري 626ع تي پيدا ٿيو، امامت جي سلسلي ۾ ٽيون نمبر امام آهن. امام حسين جي ڪنيت ابو عبدالله، سيد شباب اهل الجنة ۽ لقب سيد الشهداء آهي. امام حسين جي ولادت کان پوءِ حضور صلي ﷲ عليہ وسلم خوشيءَ مان حضرت علي عليہ اسلام ۽ بيبي فاطمہ جي گهر آيا ۽ مولود جي ڪنن ۾ اذان ۽ اقامت ڏئي، سندس نالو ”حسين“ رکيائون. امام حسين عليہ السلام، حضور جن جي سايہ شفقت ۾ پليا. ننڍپڻ واري دور ۾ حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو امام حسين سان گهڻو پيار ۽ محبت هئي ۽ اهڙا گهڻائي واقعا ملن ٿا، جن مان ثابت ٿئي ٿو. پاڻ سڳورا امام حسين سان غير معمولي محبت ۽ شفقت ڪندا هئا. امام جن اڃا مس ستن سالن جا هئا تہ حضور صلعم جن جي سايہ شفقت کان محروم ٿي ويا. حضرت علي عليہ السلام جي دور خلافت ۾ پاڻ بلڪل جوان ٿي چڪا هئا ۽ پنھنجي والد سان گڏ جنگ جمل، جنگ صفين ۽ جنگ نهروان ۾ شامل رهيا. تاريخ گواھہ آهي تہ ڪمسنيءَ جي دور ۾ پهرين 11ھہ ۾ پنھنجي ناني حضور صلي ﷲ عليہ وسلم ۽ ماءُ بيبي فاطمہ جي جدائيءَ جو داغ برداشت ڪيائون ۽ 40ھہ ۾ پنھنجي والد حضرت علي عليہ السلام ۽ 50ھہ ۾ پنھنجي ڀاءُ امام حسن عليہ السلام جي جدائيءَ جو صدمو برداشت ڪيائون. پاڻ قرآن جو مطلب ۽ حديثون اڪثر فرمائيندا هئا. عبادت، رياضت، ڪثرت سان نفل پڙهڻ ۽ دين محمديءَ جو پيغام پهچائڻ سندن دستور هو. اڪثر روزي ۾ رهندا هئا، ڪافي حج ۽ عمره ڪيائون. ميدان ڪربلا ۾ سندن شهادت واري واقعي تي وڏن وڏن عالمن ۽ مورخين بيشمار ڪتاب لکيا آهن. امام حسين عليہ السلام، اسلام جو ارتقائي زمانو پنھنجي اکين سان ڏٺو هو. اسلامي تاريخ جا سڀئي واقعا سندن اکين آڏو هئا. 56ھہ (675ع) ۾ جڏهن حالات تمام گهڻا بگڙي ويا ۽ يزيد کي ولي عھد نامزد ڪيو ويو، تڏهن پاڻ يزيد جي وڏي مخالفت ڪيائون. ان مخالفت تي حڪومت شام کان جواب طلبي ٿي، جنهن جي جواب ۾ امام حسين عليہ السلام حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي ۽ پنھنجي خيالات کي بيان ڪندي يزيد جي ولي عھد واري حيثيت کي ناجائز قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيائون ۽ بيعت طلب ڪرڻ تي امام حسين عليہ السلام بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو. معاملا سنگين ٿيندا ويا، تان جو ڪربلا جو واقعو پيش آيو. يزيد جي حڪم تي امام حسين عليہ السلام کي 10 محرم 60ھہ مطابق 10 آڪٽوبر 680ع تي پنھنجي مائٽن ۽ انصارن سميت ڪربلا ۾ شھيد ڪيو ويو. سندس تربت ڪربلا معليٰ ۾ آهي. (وڌيڪ ڏسو: ’ڪربلا جو واقعو‘ )
عيسوي
عيسوي
0680.10.10 عيسوي
امام حسين عليه السلام کي 10 محرم 60هه مطابق 10 آڪٽوبر 680ع تي پنهنجي مائٽن ۽ انصارن سميت ڪربلا ۾ شهيد ڪيو ويو. سندس تربت ڪربلا معليٰ ۾ آهي.
0626.01.08 عيسوي
حضرت امام حسين عليه السلام 3 شعبان 4 هه مطابق 8 جنوري 626ع تي پيدا ٿيو،