
امام غزالي رحه
امام غزالي رحه: سندس نالو ”محمد“ ۽ ”حجت الاسلام“ لقب هو. پاڻ خراسان جي پرڳڻي جي ’طوس‘ شھر جي هڪ ڳوٺ طبران ۾ 450 ھہ/1058ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ سُٽ ڪتڻ ۽ وڪڻڻ جو ڪم ڪندو هو، جنهنڪري پاڻ ’غزاليءَ‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. امام غزاليءَ جي پيءُ جو نالو بہ ”محمد“ هو، تنهن پنھنجي وفات کان ٿورو اڳ کيس ۽ سندس ڀاءُ ننڍي”احمد“ کي تعليم ڏيارڻ خاطر پنھنجي هڪ دوست جي حوالي ڪيو، جنهن کيس هڪ مدرسي ۾ داخل ڪرايو، جتي فقہ جي ابتدائي تعليم بعد ’جرجان‘ ۾ وڃي ابونصر اسماعيليءَ وٽ علم جي تحصيل ڪيائين. امام غزاليءَ جو علمي مايو انهيءَ حد کي پهتو، جو معمولي عالم سندس اُڃ اُجهائي نہ سگهيا. انهن ڏينهن ۾ نيشاپور ۽ بغداد جا مدرسا سڀ کان گهڻو مشھور هوندا هئا، جو اتي امام الحرمين عبدالملڪ ۽ علامہ ابواسحاق شيرازي تعليم ڏيندا هئا، تنهنڪري پاڻ نيشاپور وڃي امام الحرمين جي نگرانيءَ هيٺ تعليم مڪمل ڪيائين. امام الحرمين جي وفات کان پوءِ سندس علمي مقام ڏسي، سلجوقي وزير نظام الملڪ کيس بغداد ۾ پنھنجي قائم ڪيل مدرسہ نظاميه ۾ صدر مقرر ڪيو. هن عهدي تي فائز ٿيڻ ڪري سندس علم ۽ ڏاهپ جو چرچو عام ٿيو ۽ سڀ وزير امير سندس آڏو جهڪي ويا. ان وقت بغداد سڀني مذهبن ۽ مذهبي فرقن جو ڳڙھہ هو، جتي سُني، شيعا، معتزله، زنديق، مجوسي ۽ عيسائي آزاديءَ سان پنهنجن فرقن جو پرچار ڪندا هئا. امام غزالي، هر فرقي ۽ مذهب جي غور سان مطالعي ڪرڻ بعد، انهيءَ نتيجي تي پهتو تہ تصوف جي راھہ سڀ کان ڀلي آهي، ڇوته ان ۾ علم کان وڌيڪ عمل جي ضرورت آهي، جيڪو زهد ۽ رياضت جو ٻيو نالو آهي. جڏهن پنھنجي درس تدريس ۽ ٻئي ڪاروبار تي غور ڪيائين تہ انهن سڀني ۾ کيس جاه پرستي نظر آئي، تنهنڪري گهڻي ڪشمڪش کان پوءِ انهن سڀني سان لاڳاپا ٽوڙي، بغداد کي خيرباد چئي، شام ڏانهن روانو ٿيو، مگر اتي بہ علم جي پياس کيس نہ ڇڏيو ۽ درس ڏيڻ تي مجبور ڪيو. هتي بہ سندس تعريف ٿيڻ لڳي، جنهن کي پڻ غرور ۽ تڪبر جي جڙ سمجهي، بيت المقدس طرف رُخ کيائين. ان کان پوءِ مڪي شريف ويو، جتي حج ڪرڻ کان پوءِ دمشق جي جامع مسجد جي مناري اندر اڪيلو ويهي مجاهدي ۽ رياضت ۾ مشغول رهيو. سندس خلوت وارو عرصو ڏهن سالن جو رهيو. ڏهن سالن جي رياضت ۾ اونداهيءَ جا مڙئي پردا هٽائي پري ڪيائين ۽ شين جون اصلي حقيقتون سندس اڳيان کلي ظاهر ٿي پيون. ڏٺائين تہ دنيا مذهب کان منحرف ٿي رهي آهي ۽ عقل ۽ فلسفي خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي مذهب جي پٺيان ڪاهي پيا آهن، تنهنڪري وقت جي تقاضا اها آهي تہ گوشه نشيني ڇڏي، تبليغ جو ڪم جاري ڪيو وڃي. هوڏانهن وري درس تدريس جي ڪم کي جاري رکڻ لاءِ سلطان طرفان کيس تاڪيدي حڪم پهتو. آخر نيشاپور ۾ اچي اهو ڪم ٻيهر شروع ڪيائين، مگر اتان بہ ٿوري عرصي گذرڻ بعد پنھنجي ڳوٺ طوس موٽي آيو، جتي جمادي الآخر 505ھہ/ 1111ع ۾ وفات ڪيائين. سندس هيٺيون تصنيفون مشھور آهن: ’المنقذ من الضلال‘، ۾ پنھنجي ذهني حالت ۽ حقيقت پٺيان جدوجھد جي شرح بيان ڪئي اٿس. فلسفي ۾ سندس ٻيو ڪتاب ’تهافت الفلاسفہ‘ آهي، جنهن ۾ يوناني ۽ اسلامي فيلسفوفن کي رد ڏنو اٿس. منطق ۾ ’معيارالنظر‘ ۽ اخلاق ۾ ’ميزان العمل‘ ڪتاب اٿس، ليڪن سندس ناميارو ۽ وڏو ڪتاب ’احياءِ علوم الدين‘ آهي، جنهن ۾ مسلمانن جي ڇوٽڪاري جا رستا ٻڌايا اٿس ۽ عقيدن جي حقيقت کولي سمجهائڻ سان گڏ معاملات ۽ عبادات کي مفصل طور بيان ڪيو اٿس. تصوف ۽ اخلاق ۾ سندس تصنيف ’ڪيميائي سعادت‘ گهڻي مشھور آهي. جنهن جو سنڌيءَ ۾ بہ ترجمو پروفيسر غلام حسين خاصخيليءَ ڪيو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي. انهن ڪتاب کان سواءِ سندس ٻيا بہ اسي کن ڪتاب آهن، جيڪي پنھنجي نوع ۾ بينظير آهن .