امام محمد باقر عليہ السلام

امام محمد باقر عليہ السلام: امام محمد باقر عه جي ولادت پهرين رجب 57 ھہ ۾ ٿي. سندس نالو محمد، ڪنيت ابو جعفر ۽ لقب ’باقر‘ آهي. سندس والد جو نالو علي بن الحسين سيد سجاد عه ۽ والدہ جو نالو فاطمہ بنت امام حسنعه آهي ۽ امام محمد باقرعه ڏاڏاڻي ۽ ناناڻي طرفن کان فاطمي ۽ علوي آهي. امام باقر، رسول اڪرم صلي عليہ وسلم جن سان مشابهت رکندو هو، ان ڪري کيس شبيھہ مصطفيٰ جو لقب ڏنو ويو.
امام محمد باقرعه، معاويه ابن ابو سفيان جي دور ۾ پيدا ٿيو. سندس والد حضرت امام علي بن الحسين عه کي بن مروان'>عبدالملڪ بن مروان جي حڪم سان زهر ڏئي شھيد ڪيو ويو. ان وقت (95 ھہ) سندس عمر 38 سال هئي، امام محمد باقرعه وڏو عبادت گذار هو. وقت جو حڪمران هشام بن عبدالملڪ هڪ ڀيري حج ادا ڪرڻ لاءِ مڪي پهتو، اتي امام محمد باقر عه ۽ سندس فرزند امام جعفر صادق عه بہ موجود هئا. امام جعفر صادق عه ان موقعي تي تقرير ڪندي چيو تہ اسين هن زمين تي جا خليفا آهيون، هشام بن عبدالملڪ امام محمد باقر عه ۽ امام جعفر صادق عه کي دمشق ۾ طلب ڪري قيد ڪيو ۽ بعد ۾ کين آزاد ڪيو ويو. 7 ذوالحج سن 114ھہ تي هشام بن عبدالملڪ جي حڪم تي امام باقر کي زهر ڏنو ويو. سندس شهادت بعد کيس جنت البقيع/ مدينه منوره ۾ دفن ڪيو ويو. شهادت وقت سندس ڄمار 57 سال هئي.


لفظ امام محمد باقر عليہ السلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0057.07.01  هجري

امام محمد باقر عليه السلام: امام محمد باقر عه جي ولادت پهرين رجب 57 هه ۾ ٿي . سندس نالو محمد ، ڪنيت ابو جعفر ۽ لقب ’ باقر ‘ آهي .


0114.12.07  هجري

7 ذوالحج سن 114هه تي هشام بن عبدالملڪ جي حڪم تي امام باقر کي زهر ڏنو ويو . سندس شهادت بعد کيس جنت البقيع/ مدينه منوره ۾ دفن ڪيو ويو . شهادت وقت سندس ڄمار 57 سال هئي .



مذهبي شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چشموي بزرگ
انس بن مالڪ رضہ
حاجي شير محمد شاھہ مهاجر مدني
حَسان بن ثابت
قاضي خيرالدين
عيسيٰ عليہ السلام حضرت
حوا
سعديه حليمه دائي رضہ
خواجہ محمد زمان ٻيو
عزير عليہ السلام
مذهبي شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون