امام نسائي: مشھور شيخ الاسلام ۽ حافظ حديث ابو عبدالرحمان عرف امام نسائي خراسان جي هڪ ڳوٺ نسا ۾ 215ھہ/ 830ع ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم اباڻي شھر مان حاصل ڪيائين، پوءِ پندرهن سالن جي عمر ۾ علم جي تحصيل لاءِ خراسان، عراق، حجاز، شام ۽ مصر جي وڏن عالمن جي صحبت ۾ گهڻو ڪجهہ پرايائين. امام نسائي اسلامي دنيا جي سڀني علمي مرڪزن کان فيضياب ٿيو ۽ آخرڪار مصر ۾ رهائش اختيار ڪيائين، پر پوءِ لڏي وڃي دمشق ۾ رهيو. دمشق ۾ رهائش دوران هڪ ڏينهن مسجد جي ڪجهہ ماڻهن کانئس پڇيو تہ امير معاويه جي شان ۾ ڪا حديث ٻڌايو. امام نسائي هڪدم چيو تہ مون کي ڪا خبر نہ آهي. آءٌ ڇا ٻڌايان ۽ وڌيڪ هي لفظ چيائون: ’لا اشبع ﷲ بطنه‘ اهو ٻڌي دمشق جي ماڻهن امام نسائيءَ کي مسجد ۾ ڏاڍو ماريو ۽ انهيءَ مار کان پوءِ هي عالم دين سخت بيمار ٿي پيو. بيماريءَ جي حالت ۾ امام نسائي پنهنجن شاگردن کي چيو تہ مون کي مڪي کڻي هلو. جڏهن مڪي پهتا تہ اتي امام نسائي 303ھہ/915ع ۾ رحلت ڪئي، وصيت مطابق کين صفا ۽ مروه جي وچ ۾ دفن ڪيو ويو.
امام نسائيءَ جي شھرت سندن ڪتاب ’السنن‘ جي ڪري تمام گهڻي ٿي. ڪتاب ’السنن‘ جو مقام صحاح سته جي ڪتابن ۾ پنجون ۽ سندن ڪتابن ۾ ٽيون آهي. امام نسائي ڪتاب ۾ زندگيءَ جي هر پهلوءَ متعلق حديثون جمع ڪيون آهن. ايستائين جو رڪوع ۽ سجدا ۽ هر قسم جي دعائون ڪثرت سان روايت ڪيون آهن. ”السنن“ ۾ پندرهن هزار ست سؤ ايڪهٺ (15761) حديثون موجود آهن. هي ڪتاب ڪيترائي دفعا شايع ٿي چڪو آهي. ان کان سواءِ امام نسائيءَ جي هڪ مشھور تصنيف ”خَصَائص علي رضہ“ پڻ تمام گهڻي مشھور آهي، ان ڪتاب جو ترجمو ”مناقب مرتضوي“ جي نالي سان مطبع محمدي لاهور مان 1310ھہ/ 1892ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي.
0215.00.00 هجري
امام نسائي: مشهور شيخ الاسلام ۽ حافظ حديث ابو عبدالرحمان عرف امام نسائي خراسان جي هڪ ڳوٺ نسا ۾ 215هه/ 830ع ۾ پيدا ٿيو .
0830.00.00 عيسوي
امام نسائي: مشهور شيخ الاسلام ۽ حافظ حديث ابو عبدالرحمان عرف امام نسائي خراسان جي هڪ ڳوٺ نسا ۾ 215هه/ 830ع ۾ پيدا ٿيو .
0303.00.00 هجري
امام نسائي 303هه/915ع ۾ رحلت ڪئي ، وصيت مطابق کين صفا ۽ مروه جي وچ ۾ دفن ڪيو ويو .
0915.00.00 عيسوي
امام نسائي 303هه/915ع ۾ رحلت ڪئي ، وصيت مطابق کين صفا ۽ مروه جي وچ ۾ دفن ڪيو ويو .