امام ڏنو فقير

امام ڏنو فقير

امام ڏنو فقير

امام ڏنو فقير: معروف شرناءِ نواز فنڪار امام ڏنو فقير 1950ع ڌاري ٽنڊي مير محمود، حيدرآباد ۾ ڄائو. سنڌ ۾ شرناءِ وڄائيندڙ فنڪارن ۾ کيس ملڪو حاصل هو. ڪلاسيڪل توڙي سر سوز مهارت سان وڄائي ڄاڻندو هو. ڪيترائي ڀيرا شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرحه جي ميلي جي تقريبن ۾ مهمانن جي آمد وقت شرناءِ وڄايائين. هيءُ ڍڍ وڄائڻ ۾ بہ ماهر هو. حيدرآباد ۾ محرم الحرام جي ڏينهن ۾ پڙن توڙي ماتمي جلوسن ۾ بہ سوز وڄائيندو هو. هن پنھنجي سُنگ لاءِ الڳ ڊريس بہ تيار ڪرائي، جنهن ۾ پيازي رنگ جا ڪپڙا، زري واري صدري ۽ پٽڪو شامل هئا. هن پنھنجي سُنگ سان ڪيترين ئي محفلن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هن جا ڪيترائي شاگرد هئا. هن ثقافتي پروگرامن جي سلسلي ۾ امريڪا، فرانس، ڪئنيڊا ۽ دبئي ۾ پڻ فن جو مظاهرو ڪيو، جن مان اڪثر دورا حميد آخــونـد ۽ مـمـتاز مرزا جـي اڳــواڻـيءَ ۾ ڪيائين. کـيـس شـاھہ لـطـيـف اوارڊ (2003ع)، لال شھباز قلندر اوارڊ ۽ صوفي ميوزڪ اوارڊ پڻ مليا. هن 26 اپريل 2012ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. هن کي ٽن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي. کيس جڙيل شاھہ قبرستان ٽنڊي آغا ۾ دفنايو ويو.


لفظ امام ڏنو فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1950  عيسوي

معروف شرناءِ نواز فنڪار امام ڏنو فقير 1950ع ڌاري ٽنڊي مير محمود ، حيدرآباد ۾ ڄائو .


26.04.2012  عيسوي

امام ڏنو فقير 26 اپريل 2012ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پريتم ڀڳت
در محمد عالماڻي
ضياء الحق ڪانڌڙو
پرويز مشرف
جارج ابراهَم گريئرسن
انور الدين شيخ
اختر ٽانوري
قاضي عبدالله سيوستاني
قاضي علي اڪبر درازي
رحمان قلي چرڪس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون