امام ڳڙھہ جو قلعو

امام ڳڙھہ جو قلعو: هيءُ قلعو /اڏاوت مير رستم خان جي وقت جي آهي. هيءُ قلعو خيرپور ضلعي ۾ ڪوٽڏجيءَ ڀرسان قومي شاھراھہ کان نڪرندڙ نارا روڊ وسيلي نارا گيٽ، تجل ۽ لڪ جي ڳوٺن کان پوءِ، جروئي ۽ مٺي ڳوٺ پھچي، اتان اوڀر ڏکڻ ١٤٢ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي (ھندوستان پاڪستان جي سرحد تي) آهي. امام ڳڙھہ جي قلعي جو ذڪر مير رستم خان ۽ مير علي مراد جي پڳ جي جهيڙي کان پوءِ تاريخ ۾ ملي ٿو. پوڙھو حاڪم مير رستم خان، علي مراد خان ۽ چارلس نيپئر جي ڊپ کان پنھنجي زال ۽ ٻن ٻانھين سان، پڳ، حڪومت ۽ ملڪيت ڇڏي امام ڳڙھہ جي قلعي ڏانھن ھليو ويو ھو. رستي ۾ برساتن پوڻ ڪري سندس زال اٺ تان ڪري پئي ھئي ۽ ان جي ٻانھن ڀڄي پئي، جڏھن تہ ٻئي ٻانھيون مري ويون. مير رستم خان کي گهڻي تڪليف پھتي. مير مراد علي جون اکيون حڪومت ۾ ھيون ۽ پاڻ نيپئر وٽ پھتو تہ مير رستم پڳ تان دستبردار ٿي ويو آھي ۽ زمينون بہ ڇڏي ويو آھي. ھاڻي مون کي حاڪم بناءِ، مگر نيپئر مير رستم کي راھہ مان ھٽائڻ ٿي چاھيو. ان ڪري ھن مير علي مراد کي شھہ ڏني تہ امام ڳڙھہ جو قلعو بہ ھاڻي تنھنجي ملڪيت آھي. متان مير رستم اڳتي ھلي فوجي طاقت امام ڳڙھہ ۾ ڪٺي ڪري. ان ڪري امام ڳڙھہ تي حملو ڪيو وڃي. جنهن تي نيپئر مير علي مراد خان کي سونھون ڪري ١٢ جنوري ١٨٤٢ع تي امام ڳڙھہ پھتو. ساڻس ساڍا ٽي سؤ پيادا ۽ چوويھن پائونڊن واريون ٻہ توبون ۽ پنجاھہ گهوڙي سوار گڏ ھئا. ليمبرڪ جي لکڻ موجب امام ڳڙھہ جو قلعو مڪمل طور تباھہ ڪيو ويو. نيپئر لکي ٿو تہ امام ڳڙھہ جو قلعو بارود جي ڏھہ ھزار پائونڊن سان ذريون ذريون ٿي چڪو. اھا بہ تاريخي حقيقت آھي تہ جڏھن نيپئر قلعو زبون ڪري موٽيو تہ اڇڙي ٿر جي زمين کانئس سٺو انتقام ورتو. ھو لکي ٿو تہ اسان جون اکيون ڪن، وات ۽ ڏند واري جي تھن چڙھڻ ڪري، ڪيترائي ماڻھو بيمارين جو شڪار ٿي پيا. ياد رھي تہ رستم علي ٽالپر، مير مراد علي ٽالپر جو وڏو ڀاءُ ۽ مير سھراب خان جو وڏو پٽ ھو. قلعي جا کنڊر موجود آھن، پر اتي پھچڻ مشڪل آھي.


لفظ امام ڳڙھہ جو قلعوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو