امانت علي خان

امانت علي خان

امانت علي خان

امانت علي خان (استاد ):ناليواري ڪلاسيڪل ۽ غزل جي سريلي گلوڪار استاد امانت علي خان ولد استاد اختر حسين 1928ع ڌاري رياست پٽيالا ۾ جنم ورتو، سندس تعلق ننڍي کنڊ جي موسيقار گهراڻي پٽيالا سان هو. پٽيالا گهراڻي جو باني جرنيل علي بخش خان، استاد امانت علي خان جو رشتي ۾ ڏاڏو هو. هن موسيقيءَ جي تعليم پنھنجي والد اختر حسين خان کان حاصل ڪئي. هو ڪلاسيـڪل توڙي نيم ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي هر هڪ صنف جو ڄاڻو ۽ تجربيڪار فنڪار هو، هو اڪثر پنھنجي ننڍي ڀاءُ استاد فتح علي خان سان گڏجي ڳائيندو هو، ريڊيو پاڪستان توڙي ٽيليويزن ڪارپوريشن'>پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي بنيادي فنڪارن ۾ سندس نالو سرِ فهرست هو. هنن ٻنهي ڀائرن استاد امانت علي خان ۽ استاد فتح علي خان جي گائڪ جوڙيءَ جي هڪ خوبصورتي اها بہ هوندي هئي جو هنن جون سريليون تانون ۽ پلٽا محفل ۾ ٻڌندڙن جي دلين تي سحر طاري ڪري ڇڏيندا هئا. سندن آواز ۾ ڳايل راڳڀيروي“ جو خيال ”ڪب آئو گي“ تمام گهڻو مقبول ٿيو. امانت علي خان نج ڪلاسيڪل راڳ کانسواءِ غزل ۾ بہ تمام مهارت سان پنهنجو پاڻ مڃايو، سندس ڳايل غزلن ۾ حيدر علي آتش جو غزل ”يه آرزو ٿي“ ادا جعفريءَ جو جو غزل ”هونٽون په ڪڀي ان ڪي ميرا نام ڀي آئي“ ظھير ڪاشميري جو غزل ”موسم بدلا رت“ تمام گهڻا مقبول ٿيا. ان کانسواءِ استاد امانت علي خان ملي نغمن ۾ غزل جو رنگ ڏئي هڪ جدا سڃاڻپ ٺاهي، سندس ڳايل ملي نغمو ”اي وطن پاڪ وطن“ تمام گهڻو مشھور ٿيو، جيڪو راڳ ”ڪرواني“ ۾ هو، ان کانسواءِ ”چاند ميري زمين، ڦول ميرا وطن“ سندس لاجواب ملي نغمه هئا. امانت علي خان پنھنجي فن ورثي جا وارث پنھنجي پٽ اسد امانت علي خان، پنھنجي ڀاءُ حامد علي خان جي روپ ۾ ڏنا، جن جون بہ ڪلاسيڪل توڙي نيم ڪلاسيڪل موسيقيءَ ۾ اڻوسرندڙ خدمتون آهن. استاد امانت علي خان 18 سيپٽمبر 1974ع تي وفات ڪئي، کيس لاهور جي مومن پور قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


لفظ امانت علي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1928  عيسوي

استاد امانت علي خان ولد استاد اختر حسين 1928ع ڌاري رياست پٽيالا ۾ جنم ورتو .


18.09.1974  عيسوي

استاد امانت علي خان 18 سيپٽمبر 1974ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سريچند ميلهومل ڪيسواڻي
ڄام چينو
اسد ﷲ ڀٽو پروفيسر
ڀڳوان ڪپور
جوڻيجو عبدالرحيم
جان ﷲ شاھہ رضوي
شبانه سنڌي
مير علي مراد خان ٽالپر
صوڀراج پرسرام مينگهاڻي
ڀائي خان شر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون