امان الله مفلح

امان الله ’مفلح ‘:امان الله ’مفلح‘ ولد مولوي جان محمد مهر 16 جنوري 1916ع تي ڪوٽ عبدالله خان، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڳڙهي ياسين ۾ مولانا محمد ابراهيم وٽ عربي ۽ فارسي تعليم حاصل ڪيائين ۽ ان جي ئي صحبت ۾ رهي شاعريءَ ۾ طبع آزمائي ڪيائين. 1960ع ۾ هن باقائدي شاعري شروع ڪئي. سنڌيءَ سان گڏ اردو، فارسي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ به شاعري ڪيائين. هُن نعت، غزل، مولود، نظم، گيت، وائي ۽ ڪافيءَ جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. مفلح جي شاعريءَ جا ڏهه ننڍا ڪتابڙا شايع ٿي چڪا آهن. جن مان: (1) ’گلشن نعت‘ (2) ’گلشن بهار
(3) ’رازِ محبت‘ (4) ’سازِ محبت‘ (5) ’ثناءِ احمدي‘ (6) ’خيالات وغيره قابلِ ذڪر آهن. امان الله ’مفلح‘ نهايت نيڪ ۽ پرهيزگار انسان هو. مسجد ۾ پيش امام جا فرض به انجام ڏيندو هو ۽ شڪارپور جي اڪثر مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو هو. هن 28 جنوري 1986ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

16.01.1916  عيسوي

امان الله ’ مفلح ‘ ولد مولوي جان محمد مهر 16 جنوري 1916ع تي ڪوٽ عبدالله خان ، تعلقي ڳڙهي ياسين ، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو .


28.01.1986  عيسوي

امان الله ’ مفلح ‘ 28 جنوري 1986ع تي وفات ڪئي .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ملا محب علي سنڌي سيوستاني
حاجي نور محمد شاهه نورل
امداد علي سولنگي
زاهد شيخ
سيد فضل شاهه فضل
مجازي جروار
زين العابدين ٺٽوي سيد
ادل سولنگي
ديال آشا
امين ٿيٻو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون