امان ﷲ خان (ناول ):مارچ 1946ع جي هفته وار ”عبرت“ ۾ شايع ٿيل محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو لکيل هيءُ مختصر ناول اُنهيءَ دور جو ذڪر ڪري ٿو، جڏهن 8 آگسٽ 1919ع تي انگريزن (گورنمينٽ آف انڊيا) ۽ امير ﷲ خان'>امان ﷲ خان جي وچ ۾ ٿيل عهدنامي تحت افغانستان کي هڪ آزاد ملڪ طور تسليم ڪيو ويو. ناول ۾ 26 صفحا آهن. سنہ 1950ع ۾ اسلاميہ درالاشاعت طرفان ڇپايل ٻي ايڊيشن جي قيمت 0.6.0 آنا رکيل هئي.