امان ﷲ سومرو

امان سومرو: امان ولد شمس الدين سومرو 01 جنوري 1942ع تي، خيرپور ضلعي جي ھڪ ننڍي ڳوٺ سيٺارجا بالا ۾ پيدا ٿيو. 1960ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري سب رجسٽرار جي آفيس ۾ ڪلارڪ ٿيو، ڪجهہ وقت فوج ۾ ملازمت ڪيائين. 1968ع ۾ پھرين ميرپور خاص ۽ پوءِ خيرپور ۾ اسٽامپ وينڊر طور ڪم ڪيائين. پاڪستان پيپلز پارٽي جو سرگرم ڪارڪن رھيو. ٿرپارڪر ضلعي ۾ سنڌ ھاري تحريڪ محاذ جو جنرل سيڪريٽري پڻ رھيو. عملي طور وڪالت جي پيشي سان سلھاڙيل رھيو. ھن عوامي ۽ ھارين جي مسئلن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا. سندس لکيل ڪتابن ۾: ’لاھوت لامڪان نوراني نوءِ ۽ سسئي جي مزار جي زيارتن جو اکين ڏٺو احوال‘ (مختصر سفرنامه)، ’معافي نامو ڇو لکيم‘ (يادگيريون)، ’پاڏو‘، ’انصاف جو خون‘، ’رشتا ناتا‘، ’اعمال نامو‘، ’درد جي ڪٿا‘، ’ڪافر ڪير آھي‘، ’سزاءِ موت‘، ’جواب ڏيو‘، ’ابتيون سبتيون ڳالھيون‘، ’سنڌ جي جيلن ۾ قيدين جي قتل عام ۽ تشدد جي اگهاڙي تصوير ۽ عدليه جو زوال‘ (انگريزي) شامل آھن. ھن 23 مارچ 2025ع تي ميرپور خاص ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.01.01  عيسوي

امان الله ولد شمس الدين سومرو 01 جنوري 1942ع تي، خيرپور ضلعي جي ھڪ ننڍي ڳوٺ سيٺارجا بالا ۾ پيدا ٿيو.


2025.03.23  عيسوي

امان الله سومري 23 مارچ 2025ع تي ميرپور خاص ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امام بخش شر
سنت هرنامداس
ٿامس جيفرسن
زاهد علي ڀرڳڙي
سيد غلام مصطفيٰ شاھہ ميرڪ
طالب حسين مغل
سيد ملا مير سبزواري
حڪيم قاضي عبدالعزيز عزن مورائي
دراني اٽل خان
ڄام اوڍر سمو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون