امان ﷲ مفلح

امان ’مفلح ‘:امان ’مفلح‘ ولد مولوي جان محمد مھر 16 جنوري 1916ع تي ڪوٽ عبدالله خان، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڳڙهي ياسين ۾ مولانا محمد ابراهيم وٽ عربي ۽ فارسي تعليم حاصل ڪيائين ۽ ان جي ئي صحبت ۾ رهي شاعريءَ ۾ طبع آزمائي ڪيائين. 1960ع ۾ هن باقائدي شاعري شروع ڪئي. سنڌيءَ سان گڏ اردو، فارسي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ بہ شاعري ڪيائين. هُن نعت، غزل، مولود، نظم، گيت، وائي ۽ ڪافيءَ جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. مفلح جي شاعريءَ جا ڏھہ ننڍا ڪتابڙا شايع ٿي چڪا آهن. جن مان: (1) ’گلشن نعت‘ (2) ’گلشن بھار
(3) ’رازِ محبت‘ (4) ’سازِ محبت‘ (5) ’ثناءِ احمدي‘ (6) ’خيالات وغيرہ قابلِ ذڪر آهن. امان ’مفلح‘ نهايت نيڪ ۽ پرهيزگار انسان هو. مسجد ۾ پيش امام جا فرض بہ انجام ڏيندو هو ۽ شڪارپور جي اڪثر مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو هو. هن 28 جنوري 1986ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

16.01.1916  عيسوي

امان الله ’ مفلح ‘ ولد مولوي جان محمد مهر 16 جنوري 1916ع تي ڪوٽ عبدالله خان ، تعلقي ڳڙهي ياسين ، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو .


28.01.1986  عيسوي

امان الله ’ مفلح ‘ 28 جنوري 1986ع تي وفات ڪئي .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تيوڻو حفيظ
اميربخش امير قريشي
رضوي سيد علي مدد شاھہ
ذوالفقار سيال ڊاڪٽر
مير عبدالرسول مير ٽالپر
رشيد ڪليري
احمد خان مدهوش
حاجي محمد يوسف ميمڻ
فقير فيض محمد فراقي
ڪوثر ٻرڙو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون