امان ﷲ مھر

امان مھر: امان ولد مولوي جان محمد مھر 16 جنوري 1916ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. پرائمريءَ جا پنج درجا پاس ڪرڻ بعد ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڳڙهي ياسين جي مشھور عالم مولانا محمد ابراهيم جي مدرسي ۾ داخلا ورتائين، جتي عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪري صرف ونحو جو بہ علم حاصل ڪيائين. پنھنجي استاد جي رهنمائيءَ ۾ حمد، نعت ۽ مداحون لکندو رهيو، 1960ع کان باقاعدي غزل ۽ نظم بہ لکڻ لڳو. سندس شاعريءَ جا ننڍا ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن ۾ ’پيغام الفت‘، ’گلشن نعت‘، ’اظهار عشق‘، ’جام وحدت‘، ’ساز صحبت‘ ۽ ’راز محبت‘ قابل ذڪر آهن. هو ڪيترن ئي مشاعرن ۽ ادبي محفلن ۾ شريڪ ٿي شعر پڙهندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

16.01.1916  عيسوي

امان الله ولد مولوي جان محمد مهر 16 جنوري 1916ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بدر شاھہ
ملا محب علي سنڌي سيوستاني
’دردي صاحب خان جروار
فقير لطف علي دايو
داغ ٽکڙائي
صوفي شرف الدين شرف
رضوي سيد زوار حسين شاھہ
غلام محمد غازي
حڪيم غلام محمد عرشي
آخوند فقير محمد عاجز
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون