امان الله وسطڙو (شهيد)

امان الله وسطڙو (شهيد)

امان ﷲ وسطڙوشهيد

امان وسطڙو (شھيد): ٽوڙي ڦاٽڪ سانحي جي شھيد امان ولد حزب وسطڙي جو جنم 20 مئي 1960ع تي ضلعي نوابشاھہ جي هڪ ڳوٺ مچر ۾ ٿيو. والد جي نوڪريءَ سبب مختلف شهرن ۾ تعليم حاصل ڪيائين. هن پرائمري تعليم موري مان، مئٽرڪ گورنمينٽ پراونشنلائزڊ هاءِ اسڪول سنجهوري مان، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شھدادڪوٽ مان حاصل ڪئي، جنهن بعد سنڌ يونيورسٽيءَ جي جيالاجيءَ شعبي ۾ داخلا ورتائين. کيس ننڍپڻ کان وٺي سياست سان دلي لڳاءُ هو. جيئي سنڌ هلچل ۾ حصو ورتائين. پهرين شھدادڪوٽ ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ ميمبر ٿيو، ڪجهہ عرصي بعد آرگنائيزر مقرر ٿيو، يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران سنڌ يونيورسٽي يونٽ سان لاڳاپيل رهيو ۽ يونٽ جو نائب صدر ٿيو. ان دوران هن سياسي سرگرمين ۾ بہ حصو ورتو ۽ شاگردن جا مسئلا حل ڪرايائين. 17 آڪٽوبر 1984ع تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ هڪ سيمينار ’موهن جو دڙو بچايو‘ ۾ شرڪت لاءِ دوستن سان گڏ وڃي رهيو هو تہ ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ پيش آيل سانحي ۾ شھيد ٿي ويو. امان وسطڙي سان گڏ ان بس ۾ بشير قريشي، گل محمد جکراڻي ۽ ٻيا بہ ڪيترا اڳواڻ موجود هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.05.20  عيسوي

ٽوڙي ڦاٽڪ سانحي جي شهيد امان الله ولد حزب الله وسطڙي جو جنم 20 مئي 1960ع تي ضلعي نوابشاهه جي هڪ ڳوٺ مچر ۾ ٿيو.


1984.10.17  عيسوي

امان الله وسطڙو17 آڪٽوبر 1984ع تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ هڪ سيمينار ’موهن جو دڙو بچايو‘ ۾ شرڪت لاءِ دوستن سان گڏ وڃي رهيو هو ته ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ وردي پوش اهلڪارن بس کي روڪي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي طور امان الله وسطڙي سميت ڪيترا شاگرد شهيد ۽ ڪافي زخمي ٿيا.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جي ايم سليڊن
غلام قادر لنجواڻي
صورت سنڌي
عبدي مولوي عبدالقادر
فرزانہ پنهور
اياز علي شاھہ شيرازي
راجا سونيه
رئيس امروهوي
ڄام ’فيروزالدين‘ انڙ
جونپوري سيد محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون