
امبر مهڪ
امبر مھڪ (ڳائڻي ):ناليواري گلوڪاره امبر مھڪ ڌيءَ يار محمد، 12 مئي 1980ع ۾ موچي پاڙي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، سندس والدہ شميم آرا ريڊيو پاڪستان جي مشھور فنڪارہ رهي آهي. جڏهن تہ سندس وڏي ڀيڻ انجم آرا بہ گائيڪيءَ ۾ تمام گهڻو نالو ڪڍيو. امبر مھڪ گائڪيءَ جي سکيا اُستاد امير عليءَ کان حاصل ڪئي. هن پنھنجي فن جي شروعات 1994ع ۾ ريڊيي پاڪستان حيدرآباد کان عنايت بلوچ جي دؤر ۾ ڪئي، امبر مھڪ سڀ کان پهرين ريڊيي پاڪستان حيدرآباد جي سالگرھہ پروگرام ۾ ڳائي داد حاصل ڪيو. هن جي ڳائڻ جو محور گهڻو ڪري ڪلاسيڪل راڳ ۽ ڀٽائيءَ جو راڳ آهي، امبر مھڪ کي راڳ جي سکيا وٺڻ لاءِ سندس مرشد فقير رحمان سائين، اُستاد امير عليءَ جي شاگرديءَ ۾ ڏنو، چئن سالن جي محنت ۽ رياض کانپوءِ امبر مھڪ 2002ع ۾ اُستاد خانصاحب خير محمد خان جي ورسي تقريب ۾ ڳائي تمام گهڻو داد حاصل ڪيو. هڪڙي سنڌي ٽي. وي. چينل تان امبر مھڪ قلندر لال شهبازرح جي ڌمال ”قلندر لال مان تنھنجي ملنگياڻي آهيان“ ڳائي تمام گهڻي مشهوري ماڻي. سندس 14 کان وڌيڪ البم رليز ٿيل آهن. اُن کانسواءِ اسلام آباد لاهور ڪراچي، پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشنن جي سينٽرن تان کوڙ سارا پروگرام ڪري چڪي آهي.
12.05.1980 عيسوي
امبر مهڪ ڌيءَ يار محمد ، 12 مئي 1980ع ۾ موچي پاڙي حيدرآباد ۾ جنم ورتو