امجد شاهه جيلاني

امجد شاهه جيلاني

امجد حسين شاهه جيلاني

امجد شاهه حسين جيلاني: سنڌ جي برگزيده شخصيت ۽ نامور سياستدان، پير غلام رسول شاهه جيلانيءَ جو فرزند سيد امجد حسين شاهه جيلاني، 20 سيپٽمبر 1950ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين سينٽ بونا وينچر هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهيو. بي. اي مڪينيڪل، مهراڻ يونيورسٽي ڄام شوري مان 1973ع ۾ ڪيائين. امجد حسين شاهه جيلاني، زرعي مشينريءَ ۾ 1975ع کان 1977ع تائين ٽي سال انجنيئر رهيو، ان کان پوءِ جڏهن پير علي محمد راشدي صاحب، اطلاعات کاتي ۾ وزيراعظم جو مشير هو ته 1975ع کان 1977ع تائين سندس اسٽاف آفيسر رهيو. ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ ۾ پنهنجي والد ۽ وڏي ڀاءُ پير آفتاب حسين شاهه جيلانيءَ جي اثر هيٺ ابتدا کان شامل رهيو 1989ع ۾ پ. پ. پ جي صوبائي ڪائونسل جو ميمبر رهيو. 1990ع ۾ سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. 1993ع ۾ پڻ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جو صوبائي وزير رهيو. 1996ع ۾ زراعت کاتي جو صوبائي وزير ٿيو. 1997ع ۾ پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. امجد حسين شاهه جيلاني، ادب ۽ موسيقيءَ جو خاص شوقين آهي. 2008ع جي چونڊن ۾ حيدرآباد تعلقي جي ٻهراڙيءَ واري تڪ مان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.09.20  عيسوي

سيد امجد حسين شاهه جيلاني ، 20 سيپٽمبر 1950ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اڪرام الله ڌاريجو
بشير خان قريشي
آفتاب شاهه جيلاني
آغا تيمور خان پٺاڻ
الاهي بخش سومرو
آغا سراج خان دراني
اعجاز علي خان جتوئي
امام علي نازش ڪامريڊ
اعجاز جکراڻي
امير حيدر ڪاظمي
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون