امجد شاهه جيلاني

امجد شاهه جيلاني

امجد حسين شاھہ جيلاني

امجد شاھہ حسين جيلاني: سنڌ جي برگزيده شخصيت ۽ نامور سياستدان، پير غلام رسول شاھہ جيلانيءَ جو فرزند سيد امجد حسين شاھہ جيلاني، 20 سيپٽمبر 1950ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين سينٽ بونا وينچر هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهيو. بي. اي مڪينيڪل، مهراڻ يونيورسٽي ڄام شوري مان 1973ع ۾ ڪيائين. امجد حسين شاھہ جيلاني، زرعي مشينريءَ ۾ 1975ع کان 1977ع تائين ٽي سال انجنيئر رهيو، ان کان پوءِ جڏهن پير علي محمد راشدي صاحب، اطلاعات کاتي ۾ وزيراعظم جو مشير هو تہ 1975ع کان 1977ع تائين سندس اسٽاف آفيسر رهيو. ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ ۾ پنھنجي والد ۽ وڏي ڀاءُ پير آفتاب حسين شاھہ جيلانيءَ جي اثر هيٺ ابتدا کان شامل رهيو 1989ع ۾ پ. پ. پ جي صوبائي ڪائونسل جو ميمبر رهيو. 1990ع ۾ سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. 1993ع ۾ پڻ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جو صوبائي وزير رهيو. 1996ع ۾ زراعت کاتي جو صوبائي وزير ٿيو. 1997ع ۾ پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. امجد حسين شاھہ جيلاني، ادب ۽ موسيقيءَ جو خاص شوقين آهي. 2008ع جي چونڊن ۾ حيدرآباد تعلقي جي ٻھراڙيءَ واري تڪ مان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.09.20  عيسوي

سيد امجد حسين شاهه جيلاني ، 20 سيپٽمبر 1950ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آفتاب شاھہ جيلاني
الاهي بخش سومرو
بلاول ڀٽو زرداري
ابڙو تاج محمد
اندرا گانڌي
امداد علي پتافي
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اسماعيل راھو
اعجاز علي خان ٽالپر
اڪبر خان بگٽي
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون