امداد جتوئي

امداد جتوئي: امداد جتوئي 1960ع ڌاري، لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ ڳوٺ ستار ڏني سانگيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو ڪامل ۽ والد جو نالو قادربخش جتوئي آهي. امداد جتوئي، سنڌ جو سٺو ۽ سڄاڻ شاعر آهي. هن شاعريءَ جي شروعات 1975ع کان ڪئي. سندس غزلن جو هڪ مجموعو ”سنڌوءَ ڀر تي“ ڇپيل آهي. سنڌي ادبي سنگت، لاڙڪاڻي ضلعي جو رابطه سيڪريٽري رهي چڪو آهي. هن وقت به سنڌي ادبي سنگت جو رابطه سيڪريٽري آهي.


لفظ امداد جتوئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.00.00  عيسوي

امداد جتوئي: -امداد جتوئي- 1960ع ڌاري ، لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ ڳوٺ ستار ڏني سانگيءَ ۾ پيدا ٿيو . سندس اصل نالو ڪامل ۽ والد جو نالو قادربخش جتوئي آهي . -امداد جتوئي- ، سنڌ جو سٺو ۽ سڄاڻ شاعر آهي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اصغر شر
شفيع محمد ٻگهيو استاد
ڇَتو فقير سانگي
آخوند محمد قاسم هالائي
دائم فقير
شيخ فرازي
امين ٿيٻو
عـاشـق عـارباڻـي
سيد حافظ شاهه حافظ حسيني
پير ناصر خسرو قبادياني لعل بدخشان
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون