
امداد جعفري
امداد جعفري: شاعر ۽ تنقيدنگار، امداد علي جعفري ولد رسول شاھہ'>سيد غلام رسول شاھہ ’غمناڪ‘ 15 جنوري 1970ع تي ڳوٺ اڳري راهو، تعلقي هالا، ضلعي مٽياري ۾ ڄائو. سندس اصل نالو سيد امداد علي شاھہ آهي. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ثانوي تعليم هاءِ اسڪول ڀليڏني ڪاڪا مان ۽ انٽر هالا ڪاليج مان ڪيائين. ايم. اي (سوشيالاجي) ۽ بي ايڊ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين، جڏهن تہ ايم. ايڊ، سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ، ٽنڊي ڄام مان ڪيائين. 1997ع ۾، سوشل ويلفيئر آفيسر لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏنائين، جنھن ۾ سڄي سنڌ مان پھريون نمبر کنيائين. هن جي ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ تنقيد نگار طور آهي. سنڌ جي سڀني رسالن ۽ مخزنن ۾ سندس شاعري ۽ تنقيدي ادبي مضمون شايع ٿيندا رهن ٿا. نوجوانن ۾ شعر جو سٺو اڀياس رکي ٿو، گڏوگڏ تنقيدي نقطہ نظر اعليٰ اٿس. هو سنڌي ادبي سنگت جو پڻ حصو آهي ۽ پنھنجي والد غلام رسول شاھہ ’غمناڪ‘ جي شاعري ۽ شخصيت تي تحقيقي ڪم ڪرائڻ لاءِ هڪ ٽرسٽ پڻ قائم ڪيل اٿس. سماجي حوالي سان مختلف علائقائي تنظيمن ۾ پڻ رهيو آهي.
1970.01.15 عيسوي
شاعر ۽ تنقيدنگار ، -امداد جعفري- ولد سيد غلام رسول شاهه ، 15 جنوري 1970ع تي ڳوٺ اڳري راهو ، تعلقي هالا ، ضلعي مٽياري ۾ ڄائو