امداد حسين

امداد حسين: سنڌي موسيقيءَ ۽ سنگيت وديا جو ڄاڻو ۽ ناميارو ڍولڪ نواز امداد حسين، 1925ع ڌاري جيسلمير ۾ ڄائو. سندس وڏا جيسلمير جي راجا جا درٻاري گائڪ ۽ موسيقار هئا. امداد حسين جڏهن پنجن ورهين جي ڄمار جو هو تہ سندس گهراڻو جيسلمير مان اچي حيدرآباد سنڌ ۾ آباد ٿيو، جتي کيس استاد بڙي غلام علي خان، عاشق علي خان، بيبي خان، پياري خان ۽ ڇوٽي غلام علي خان جهڙن ڪلاڪارن کان موسيقيءَ جي علم سکڻ جو موقعو مليو. 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد قائم ٿيو تہ پاڻ هتي بہ ڍولڪ نواز جي حيثيت ۾ مقرر ٿيو. بعد ۾ سنڌي فلمن جي موسيقي ڏيڻ لاءِ ڪراچيءَ هليو ويو. هن جن فلمن جي موسيقي ترتيب ڏني، تن ۾ ’بادل‘، ’گهونگهٽ لاهي ڪنوار‘ ۽ ’پرديسيءَ جو پيار‘ قابل ذڪر آهن. سنڌي فلمن جي حوالي سان، امداد حسين واحد موسيقار آهي، جنهن مهدي حسن کي پنھنجي موسيقيءَ ۾ ڳارايو. 21 فيبروري سال 2000ع تي وفات ڪيائين.


لفظ امداد حسينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.00.00  عيسوي

امداد حسين ، 1925ع ڌاري جيسلمير ۾ ڄائو


2000.02.21  عيسوي

امداد حسين 21 فيبروري سال 2000ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پلي حاجي منٺار
پير آغا عبدالرحيم رح
ايڌي عبدالستار
پريتم پياسي
کيتارام راماڻي مينگهواڙ
محمد يوسف سرهيو
جالوت
حاجي فقير محمد سومرو
خانبهادر غلام محمد خان وساڻ
جروار محمد رفيق
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون