بلوچ، امداد علي

بلوچ، امداد علي

امداد علي بلوچ

امداد علي بلوچ: نامياري سگهڙ ۽ لوڪ ادب جي ڄاڻوءَ امداد علي ولد نواب علي جماليءَ، 1952ع ڌاري ڳوٺ ڦلپوٽا، لڳ نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم نئين ديري مان حاصل ڪيائين، جنهن بعد گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئين ديري مان نائين جماعت تائين تعليم حاصل ڪيائين. امداد علي بلوچ ننڍپڻ کان ئي پنھنجي ڳوٺ ۾ ٿيندڙ سگهڙن جي ڪچهرين ۾ دلچسپيءَ سان شريڪ ٿيندو هو ۽ عملي طور تي 1972ع ڌاري سگهڙ ڏني ٻانهاڻيءَ کان باقاعدگيءَ سان تربيت وٺڻ شروع ڪيائين. هيءُ نئين ديري جي نامياري سگهڙ غلام قادر ڀٽي کان بہ ڪافي ڪجهه پرائيندو رهيو. امداد علي بلوچ ڪافي ذهين هو، جنهنڪري هن ٿوري ئي وقت ۾ لوڪ ادب جي چڱي خاصي ڄاڻ حاصل ڪري ورتي ۽ فن ۾ ڪافي نوان تجربا پڻ ڪيائين. ان وقت نامياري محقق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي متعارف ڪرايل ’سنڌ سگهڙ سنگت‘ جي تنظيمڪاريءَ واري مھم ۾ نئين ديري توڙي پسگردائيءَ وارن سگهڙن کي يڪ جا ڪرڻ ۾ امداد علي بلوچ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو ٻانهن ٻيلي ٿي ڀرپور نموني سان ڪردار ادا ڪيو. امداد علي بلوچ 24 جنوري 1983ع تي وفات ڪئي.


لفظ امداد علي بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو