امداد علي شاهه ڄاموٽ

امداد علي شاهه ڄاموٽ

امداد علي شاھہ ڄاموٽ

امداد علي شاھہ ڄاموٽ: مشھور سياستدان سيد امداد علي شاھہ ولد سيد انور علي شاھہ ڄاموٽ جو تعلق مٽياريءَ جي سادات گهراڻي سان هو. 1935ع ڌاري هن مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم مٽياري ۽ حيدرآباد مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ آڪسفرڊ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو، جتي سندس ملاقات ذوالفقار علي ڀٽي، حفيظ پيرزادي، ممتاز ڀٽي ۽ ٻين سان ٿي. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ جڏهن وطن موٽيو تہ هن پنھنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات يونين ڪائونسل مسو ڀرڳڙي جي چيئرمئن ٿيڻ سان ڪئي. هيءُ ايوب خان جي دور حڪومت ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل حيدرآباد جو ميمبر رهيو. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي پيپلز پارٽي کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو تہ سيد امداد علي شاھہ ڄاموٽ ان سڄي مرحلي ۾ ان جي ويجهن ساٿين ۾ رهيو. ذوالفقار علي ڀُٽي جي ويجهي ساٿي هئڻ ڪري، هن پيپلزپارٽيءَ کي مضبوط ڪندي سيد قائم علي شاھہ، ڄام صادق علي ۽ ٻين ڪيترن ئي سياستدانن کي پيپلزپارٽيءَ جو حصو بڻايو. 1970ع واري اليڪشن ۾ کيس ايم پي اي جي سيٽ جي اميدوار طور نامزد ڪيو ويو. پھرين آڪٽوبر 1971ع ۾، ڪراچيءَ کان حيدرآباد ايندي هڪ روڊ حادثي ۾ 36 سالن جي ننڍي عمر ۾ وفات ڪري ويو. سيد قائم علي شاھہ پڻ اُن وقت انھيءَ گاڏيءَ ۾ سوار هو ۽ زخمي ٿيو. سيد امير علي شاھہ ڄاموٽ سندس وڏو ڀاءُ ۽ سيد علي گوهر شاھہ ڄاموٽ سندس ننڍو ڀاءُ آهن.


لفظ امداد علي شاھہ ڄاموٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو