امداد الله انڙ

امداد الله انڙ

امداد ﷲ انڙ

امداد الله، انڙ: سنڌ جو نامور ۽ دلير انڙ'>امداد انڙ 21 مارچ 1936ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق زميندار گهراڻي سان هو. امداد ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ هوشيار شاگرد هو. ابتدائي تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ کيس سندس والد 1944ع ۾ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جامع عربيه حيدرآباد ۾ داخل ڪرايو. پر وري ڳوٺ لاڙڪاڻي ۾ اچي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين ۽ 1950ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. مارچ 1951ع ۾ سنڌ مسلم (آرٽس) ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتائين، جتي لساني جهيڙن ۾ يونيورسٽي انتظاميا تعصب ۾ هن جي چئن سالن جي ڊگري کي روڪي ڇڏيو، جيڪا سيد غلام مصطفيٰ شاھہ جي پاران سنڊيڪيٽ ۾ ورتل ڪوشش سبب بحال ٿي. 1954ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ استاد ٿي رهيو. سنڌ مسلم لا ڪاليج مان 1959ع ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. بي. اي ۽ ايل. ايل. بي ڪرڻ کان پوءِ ٿوري وقت لاءِ پوليس محڪمي ۾ پراسيڪيوشن سب انسپيڪٽر ٿي رهيو. 1956ع ۾ ڪميشن ڪري صوبائي سول سورس ۾ شامل ٿيو. ان کان پوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر جي حيثيت ۾ جيڪب آباد، خيرپور ۽ نوابشاھہ ضلعن ۾ نمايان ڪارڪردگيءَ ڪري جلد ئي هي شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ سانگهڙ ۽ لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر رهيو.
آگسٽ 1977ع ۾ سانگهڙ جي مشھور ”حر ڪيس“ (ڇھن حرن جي قتل جي ڪيس) ۾کيس ضياءَ الحق جي حڪم تي گرفتار ڪري دٻاءُ وڌو ويو تہ اڳوڻي وزيراعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽي، ممتاز علي ڀٽي ۽ ڄام صادق علي مٿان گواهي ڏي پر هن مجاهد تڪليفون برداشت ڪيون، ليڪن ڪوڙي گواهي ڏيڻ لاءِ تيار نہ ٿيو. آخرڪار ضمانت تي ڇٽڻ کانپوءِ روپوش ٿي ويو. هن عظيم انسان 28 مئي 2008ع ڌاري وفات ڪئي .


لفظ امداد ﷲ انڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.03.21  عيسوي

امداد الله انڙ 21 مارچ 1936ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو


2008.05.28  عيسوي

امداد الله انڙ 28 مئي 2008ع ڌاري وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الاهي بخش ٻانڀڻ2
ثناءَ ﷲ قادري
استاد عبدالرشيد خان
جکراڻي عبدالحق
جلال محمد هالائي مخدوم
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
فاطمہ آفندي
جڳديش لڇاڻي
عطر خان ڪلهوڙو
امداد علي اوڍو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون