امرت خان (سر بھار نواز ):امرت خان، استاد عنايت خان جو ننڍو ڀاءُ سال 1936ع ۾ ڪلڪتي ۾ ڄائو. سندس ڀاءُ عنايت خان (1938-1895ع) مغل دربار سان وابستہ تمام سٺو ستار نواز هو. هي ستار جي امداد خاني گهراڻي جو اهم فنڪار آهي. والد جي وفات کان پوءِ هن پنھنجي ماءُ بشيران بيگم ۽ پنھنجي ناني بڙي حسن خان کان ستار جي سکيا ورتي. 1944ع ۾ هو بمبئي لڏي ويو، جتي سندس چاچي واحد علي خان کيس سر بھار وڄائڻ جي تربيت ڏني. توڙي هُو واحد علي خان سان گڏ ڪلڪتي موٽي آيو تہ جيئن ٻئي جوڙي ۾ وڄائين. پر حالتن سندن ساٿ نہ ڏنو. 1960ع ڌاري هڪ ڪمپني سندس هڪ اڌ رڪارڊ ڀرايو، جيڪو ڏاڍو مقبول ٿيو ۽ اسٽيج تي بہ هن پاڻ موکيو. هن ستار وڄائڻ ۾ درپد جو انگ اختيار ڪيو. امداد خاني گهراڻي جي وڄت ۾ روي شنڪر ۽ نخيل بينر جي ڪافي سٺيون تبديليون آنديون، خود ستار ساز ۾ هنن تارن کي بدلائي نوان انگ پيدا ڪيا. امرت خان، انهن تبديلين کي قبول ڪري ڏاڍو نالو ڪمايو. هن پوري يورپ ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. پاڻ واشنگٽن يونيورسٽي، سينٽ لوسٽس ۾ ستار جي تعليم ڏيندو آهي، کيس ٽي پٽ آهن، نشاط ستار وڄائيندو آهي. وجاهت سرود وڄائيندو آهي ۽ شفقت طبلي تي ساڻس سنگت ڪندو آهي.
1936.00.00 عيسوي
امرت خان 1936ع ۾ ڪلڪتي ۾ ڄائو