امرلعل هنڱوراڻي

امر لعل هنڱوراڻي: سنڌي زبان جو عظيم ڪھاڻيڪار امر لعل ولد وسڻمل هنڱوراڻي، کاهي راهو، (ضلعي نوشھري فيروز) ۾ سال 1910ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم نوابشاهه (شھيد بينظيرآباد) ۾ ورتي. هن 1930ع ۾ ڪراچيءَ جي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مان بي. اي ڪئي. ان کان پوءِ ايل. ايل. بي ڪراچيءَ مان ڪري وڪالت شروع ڪئي. امر لعل هنڱوراڻيءَ کي حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل جديد ڪھاڻي نويسيءَ جي فن جو باني چيو وڃي ٿو. ورهاڱي کان اڳ سندس ڪھاڻيون ’ڦلواڙي‘، ’ساقي‘، ’مھراڻ‘، ‘آشا‘ ۽ ’سنڌو‘ رسالن ۾ شايع ٿيون ۽ عوام ۾ تمام گهڻيون مقبول ٿيون. پاڻ ڪھاڻي نويس هئڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺو مضمون نگار پڻ هو. ”مير محمد عربي“ جي نالي سان حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي سوانح حيات لکي. اُهو ڪتاب ورهاڱي کان اڳ شايع ٿيو. هن 1930ع ۾ ’ڦلواڙي‘، ’مخزن‘ ۽ 1940ع ۾ ’ساقي‘ رسالا جاري ڪيا. امر لعل هنڱوراڻيءَ جي ڪھاڻي ”ادو عبدالرحمان“ 1930ع ۾ سندس رسالي ’ڦلواڙي‘ ۾ ڇپي. ’لالي‘ 1946ع ۾ رسالي ’سنڌو‘ ۾ ڇپي. ان کانسواءِ ’رام ۽ رحيم‘، ’ڳولي جو گناھه‘ ۽ ’ڀائوءَ جي آزار دل‘ ڪھاڻيون سندس جاري ڪيل رسالي ’ساقي‘ ۾ 1947ع وارن پرچن ۾ شايع ٿيون. اڳتي هلي ادو عبدالرحمان جي نالي سان سندس ڪھاڻين جو مجموعو 1981ع ۾ ڀارت ۾ ڇپيو، هن جو ٻيو ڇاپو 1985ع ۾ نيو فيلڊس حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ۾ ڪل 11 ڪھاڻيون شامل آهن. سندس ڪھاڻي ادو عبدالرحمان عالمي معيار جي ڪھاڻي آهي، جيڪا ڪيترين زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي. 1932ع ۾ جڏهن ماهوار ”سنڌو“ شڪارپور مان نڪتو ته هن ان ۾ به لکڻ شروع ڪيو. اهڙيءَ طرح سندس ڪيتريون ڪھاڻيون ۽ مضمون ڇپجي منظر عام تي آيا، جن ۾: ’هي به رانجهوءَ سندي رمز‘، ’ڏس ڏيوم ته ڪٿان لڀندي‘، ’لالي‘، ’رام ۽ رحيم‘، ’ڳوليءَ جو گناھه‘ ۽ ’ادو عبدالرحمان‘ شامل آهن. 1980ع ۾ڀارت ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو