امرناڻي: نک (ٻوڌيجا ):هي پرمار سوڍن راجپوتن مان آهن، سندن نکڙيات سوٽ نوشهري فيروز تعلقي ۾ آهن، جن مان ”ڦلواڻي“ آڪھہ وارا مکيہ آهن. هي ڳوٺ ڀان تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ رهندا هئا، پر هاڻ ٽڙي پکڙي ويا آهن. سيٺ امر ڏنومل تنومل جنهن جي نالي پٺيان هي سڏجن ٿا، سوڀڳت هوندو هو. سندس اولاد مان ڪي سيٺ وشنداس مانجهوءَ واري وٽ گماشتا هوندا هئا ۽ اڄ تائين منجهائن ڪي سيٺ وشنداس جي آڪھہ وارن سان اڳيون ناتو هلائيندا اچن. هن آڪھہ وارن مان ڪي جدا جدا نوڪرين ۾ آهن ۽ ڪي دڪانداري ڪندا آهن.