امروٽ شريف: هيءُ ڳوٺ تعلقي ڳڙهي ياسين جي ديھہ امروٽ ۾ آباد آهي، جنهن ۾ امروٽ شريف کان علاوہ ’ڪلر آباد‘ (جت) ۽ ’ساهڙ‘ ڳوٺ بہ آهن. هتي پرائمري ۽ هاءِ اسڪول موجود آهي. هتي اسپتال جي سهوليت بہ موجود آهي. هيءُ ڳوٺ مشھور سياسي ۽ ديني شخصيت سيد تاج محمود امروٽيءَ جي ڪري مشھور آهي، جنهن کي عام طرح مولانا تاج محمود امروٽي جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. هن ڳوٺ ۾ مشھور تاريخي مدرسو آهي، جنهن جو باني مولانا تاج محمود امروٽي هو، جنهن اهو مدرسو 1308ھہ/ 1890ع ۾ قائم ڪيو. مولانا صاحب مدرسي جي سنڀال ۽ درس لاءِ وقت جي وڏي عالم مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي مهتمم مقرر ڪيو. مولانا عبيدالله سنڌيءَ، امروٽ ۾ مولانا امروٽيءَ جي زيرنگرانيءَ پهريائين ديني درسگاھہ کولي، جنهن ۾ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جا شاگرد پڙهڻ آيا. هن مدرسي جو نالو ”دارالعلوم قاسميه“ رکيو ويو. سيپٽمبر 1923ع ۾ ان کان پوءِ مولوي عبدالرئوف سومرو مرزاپوري، مولوي يارمحمد سومري مرزاپوري، مولانا عبدالعزيز ٿريچاڻي (ضلعو ٿر)، مولانا احمد علي لاهوري، مولانا خوش محمد (ميروخان ضلعو لاڙڪاڻو) وغيرہ جا نالا، ان مدرسي جي شاگردن ۾ قابل ذڪر آهن، جيڪي پنھنجي وقت جا فياض ۽ جيد عالم بہ ٿي گذريا آهن. امروٽ جي دارالعلوم جي ٻي اهم خصوصيت اها هئي، جو ٻين علمن سان گڏ طالب علمن ۾ وطن جي حب، آزاديءَ ۽ جهاد جو جذبو بہ پيدا ڪيو ويندو هو. هن مدرسي مان فارغ التحصيل عالمن، سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر ديني ۽ قومي اصلاح لاءِ نمايان ڪم ڪيو. مولانا امروٽيءَ جي شاگردن ۽ مريدن ۾ ﷲ جي تعليم'>شاھہ ولي ﷲ جي تعليم ايڏو اثر ڪيو، جو سنڌ مان بدعت ۽ بداعتقاديءَ جي پاڙ پٽجي وئي .