امرڪس جي جنگ

امرڪس جي جنگ: ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽن ۾ نااتفاقي پئجي ويئي، ميان عطر خان، احمد يارخان ۽ مقصوديءَ گڏجي روهڙيءَ جي ڀر واري واھہ امرڪس وٽ ميان غلام شاھہ سان جنگ ڪئي، پر شڪست کاڌائون. ميان عطرخان قنڌار ڏانهن دانهن کڻي ويو، اتان نااميد ٿي بھاولپور جي دائودپوٽن ۽ اتي جي خيرياڻي سردارن کان مدد وٺي جنگ ڪرڻ آيو، پر اٻاوڙي وٽ شڪست کاڌائين. ميان غلام شاھہ دٻدبي سان حڪومت ڪئي. هن واپار جي ترقي لاءِ 1758ع ۾ اورنگابندر جي ويجهو شاهبندر تعمير ڪرايو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو