
امر تسر
امرتسر: امرتسر هندستان جي رياست پنجاب جو هڪ مشھور شھر آهي. هن شھر ۾ سک مت وارن جو مقدس ۽ مذهبي مرڪز ”گولڊن ٽيمپل“ موجود آهي. هن شھر جو بنياد سکن جي چوٿين گرو رامداس (اڪبر بادشاھہ جي دور ۾) طرفان ڏنل زمين جي ٽڪر تي رکيو ويو. ان کان پوءِ رامداس جي جاءِ نشين گرو ارجن، هتي هڪ عاليشان گرد وارو/ درٻار صاحب (Golden Temple) ٺهرايو، جنهن کي سکن جي وڏي عبادتگاھہ جو درجو حاصل آهي. هن گولڊن ٽيمپل جو سنگ بنياد مشھور صوفي بزرگ ميان مير سنڌي سيوهاڻي وڌو، جنهن جي مزار لاهور ۾ آهي. امرتسر ۾هڪ پَوِتر تلاءُ بہ ٺهيل آهي. هن شھر تي ’امرتسر‘ نالو بہ هن تلاءَ جي نسبت سان پيو.گرو گوبند سنگهہ، سکن جي سڀني فرقن کي ذات پات جي امتياز کانسواءِ انهيءَ تلاءَ ۾ وهنجڻ جو حق ڏنو هو. 1762ع ۾ گرد وارو ۽ تلاءَ، تباھہ ڪيا ويا هئا، پر ڪجهہ عرصي کان پوءِ سکن تلاءُ ۽ مندر ٻيهر تعمير ڪرائي، مذهبي رسمون ادا ڪرڻ شروع ڪيون. راجا رنجيت سنگهہ جي دور ۾ هن گردواري ۾ ڪافي سڌارا آندا ويا، جنهن کان پوءِ نہ رڳو هن شھر جي اهميت وڌي وئي، پر هي شھر ’اڪالي تحريڪ‘ جو مرڪز بڻجي ويو. هندستان جي آزاديءَ واري تحريڪ دوران جليان والا باغ ۾ جنرل اوڊائر جي ڪرايل فائرنگ واري خوني واقعي کان پوءِ هن شھر کي سڄيءَ دنيا ۾ وڏي شھرت حاصل ٿي. 1983ع ڌاري ڀارت جي وزيراعظم اندرا گانڌيءَ سکن جي سورش ختم ڪرڻ لاءِ گولڊن ٽيمپل تي فوجي چڙهائيءَ جي اجازت ڏني هئي، جنهن ۾ ڪيترا سک مارجي ويا ۽ گولڊن ٽيمپل کي بہ وڏو نقصان پهتو، انهيءَ واقعي کان پوءِ اندرا گانڌي تڪراري بڻجي وئي، هن واقعي بعد گردواري جي مرمت ڪرائي وئي. امرتسر شھر جي آدمشماري 22 لک کان وڌيڪ آهي.