امر پيرزادو

امر پيرزادو

امر پيرزادو

امر پيرزادو: شاعر امر پيرزادي 6 آڪٽوبر 1980ع تي ٻلھڙيجي، تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ مشھور اديب انور پيرزادي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري کان مئٽرڪ تائين گلستان شاھہ عبداللطيف اسڪول، ڪراچي ۾ پڙهيو. 2000ع ۾ ملير ڪينٽ ڪاليج مان انٽر ۽ 2006ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي. کيس شروع کان ئي ادبي ماحول ميسر رهيو. جنھن ڪري 14 سالن جي عمر ۾ سندس لاڙو شاعري طرف ٿيو. شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس شاعريسوجهرو‘، ’لھرون‘، ’عوامي آواز‘، ’ڪاوش مئگزين‘ ۽ ٻين ادبي رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي. هي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۽ سنڌي ادبي سنگت، گلشن حديد سان وابستہ آهي. ساس، شاخ گلشن حديد جو سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خزانچي رهي چڪو آهي. سندس ڪتاب: ’عشق‘ (شاعري: 2013ع)، ’فنا‘ (شاعري: 2018ع) ۽ پنھنجي والد جي زندگي ۽ علمي ڪم تي تحقيقي ڪتاب ’بابا انور پيرزادو‘ (2022ع) ڇپيل آهن. امر 2007ع کان هڪ فارما ڪمپنيءَ سان لاڳاپيل هجڻ سبب برطانيا، دبئي ۽ ملائشيا جا دورا ڪري چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1980.10.06  عيسوي

شاعر امر پيرزادي 6 آڪٽوبر 1980ع تي ٻلھڙيجي، تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ مشھور اديب انور پيرزادي جي گهر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غني ڪانڌڙو
چانڊيو نورالدين ’نور‘ مولانا
جويو دادن فقير
پورن هولا رام تيجڀانداس
توت فقير
بھزاد لکنوي
سيد غلام محمد شاھہ گدا
سيد صاحبڏنو شاھہ بلڙيءَ وارو
رضوي ميون شاھہ عنات
زين العابدين شاھہ زينل پير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون