امر ڀٽي: امر ڀٽيءَ جو اصل نالو عبدالمجيد راجپوت ولد شمس الدين راجپوت آهي ، هن 1961ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو . پرائمري تعليم زينت السلام اسڪول مان ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيٺارجا مان حاصل ڪيائين . گريجوئيشن گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد ، ماسٽرس سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين . 1982ع کان واپڊا ، تعليم ، لوڪل ، گورنمينٽ ۽ ٽرانسپورٽ ڊپارٽمينٽ ۾ مختلف حيثيتن سان سرڪاري ملازمت ڪندو پيو اچي . هن وقت سيڪريٽري آر . ٽي . اي ٽرانسپورٽ ڊپارٽمينٽ جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي . عبدالمجيد امر ڀٽي بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سماجي ڪمن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو . ادب سان وابستہ هئڻ ڪري سنڌي اخبارن ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيائين . ڪالمن ذريعي سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ ويجهڙائي پيدا ڪرڻ کي جي ڪوشش ڪيائين . هن سنڌيءَ ۾ 200 کان وڌيڪ ڪالم لکيا آهن . ان کان سواءِ شاعري جا ٻہ مجموعا بہ ترتيب ڏنل اٿس . امر ڀٽي سنڌيءَ ۾ نڪرندڙ آس “ اخبار جو باني آهي ، جيڪا گذريل ستن سالن کان باقاعدي ڇپجي رهي آهي . امر ڀٽي تعليم جي ميدان ۾ شاگردن لاءِ مختلف ادارا بہ قائم ڪيا آهن ، جن ۾ ايڪوئپ الشمس اڪيڊمي ۽ نيپ ايجوڪيشن اڪيڊمي قابل ذڪر آهن . ان کان سواءِ مختلف ادارن جي سرپرستي بہ ڪندو پيو اچي ۽ سماجي حوالي سان مختلف سماجي تنظيمن سان گڏ ڪم ڪرڻ کان سواءِ ’شمس ادب و آگهي ‘ جو چيئرمئن پڻ آهي . هن جو پنھنجي اداري ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي سهڪار سان اردو ڳالهائيندڙن لاءِ سنڌي ڪلاسن هلائڻ ۾ وڏو ڪردار آهي ، جتي ٻہ ڪامياب سيشن هلي چڪا آهن .
1961.00.00 عيسوي
امر ڀٽي: امر ڀٽيءَ جو اصل نالو عبدالمجيد راجپوت ولد شمس الدين راجپوت آهي ، هن 1961ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو .