امو کٽي: مزاحيہ فنڪار ۽ اداڪار امو کٽيءَ جو پورو نالو امام بخش کٽي هو. هن 1938ع ڌاري جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. سندس خاندان، کٽيءَ جو ڌنڌو ڪرڻ سبب کٽي سڏجي ٿو. امو اڻ پڙهيل هو، ننڍپڻ کان ئي مزاج مطابق مزاحيہ لطيفا چوندو هو. سنڌي ۽ اردو فلمن جا ڊائلاگ سکي، اداڪارن جھڙا ڪپڙا پائي ۽ تلوار کڻي ماڻهن کي ڪرتب ڏيکاريندو هو. جيڪب آباد جي ننڍن وڏن اسٽيج پروگرامن ۾ پڻ ڪردار ادا ڪندو هو. کيس سنڌي فلمن جي مشھور ڊائريڪٽر حسين علي شاھہ فاضلاڻي سنڌي فلمن ۾ متعارف ڪرايو، جتي هن پنھنجي فن ۽ قابليت سان ”پرديسي“ ۽ ”عمر مارئي“ فلمن ۾ ڪامياب ڪردار ادا ڪيو. ان کانپوءِ اردو فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي شوق سان لاهور ويو، جتي نامور اداڪارن محمد علي ۽ نديم سان گڏ اردو فلمن ”جاگ اٺا انسان“، ”ارمان“، ”انمول“ ۽ ٻين کوڙ فلمن ۾ ڪم ڪيائين. امو کٽي وات سان مختلف قسمن جا آواز ڪڍڻ سبب گهڻو ڪامياب ويو. هن پنھنجي فن ۾ ڪيترائي انعام ۽ اوارڊ پڻ حاصل ڪيا. امو کٽي 1980ع ۾ وفات ڪئي.
عيسوي
عيسوي