
اميد علي شاهه رضوي
اميد علي شاھہ رضوي: پ. پ اڳواڻ اُميد علي شاھہ رضوي ٽنڊي الهيار ۾ جنم ورتو هو. سيد ڀورل شاھہ جو فرزند؛ صوبائي وزير علي نواز شاھہ رضويءَ جو وڏو ڀاءُ ۽ درگاھہ حضرت شاھہ عنايت رضوي رح جي درگاھہ جو سجادہ نشين هو، سيد اُميد علي شاھہ پيپلز پارٽيءَ جو بنيادي ميمبر هو. ٽنڊي الهيار ۾ پيپلز پارٽيءَ جو بنياد بہ هن وڌو هو. اميد علي شاھہ رضوي 1977ع ۾ پ. پ جــي ٽــڪيٽ تي ايم. اين. اي، 1993ع ۽ 1997ع جي چونڊن ۾ ايم. پي. اي چونڊيو. سيد عبدالله شاھہ جي وڏ وزارت واري دؤر ۾ سنڌ جي جيل کاتي جو صوبائي وزير رهيو ۽ ڪجهہ عرصو وفاقي وزير بہ رهيو، پاڻ سياسي توڙي سماجي حوالي سان وڏو ماڻهو هو. هن پنھنجي دؤر ۾ تمام گهڻا ترقياتي ڪم ڪرايا، ڪيترن ئي غريب ماڻهن کي نوڪريون ڏئي روزگار سان لڳايو. اهو ئي سبب آهي جو سندس خاندان اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن بہ سياسي شڪست ناهي کاڌي. هو ملنسار ۽ محبتي ماڻهو هو، درگاھہ حضرت سيد عنايت شاھہ رضويءَ جو ساليانو عرس ملهائڻ سان گڏوگڏ درگاھہ شيخ موسيٰ تي پڻ هر سال عرُس مبارڪ جي تقريب ڪوٺائيندو هو، جتي لنگر جو بہ عام انتظام ڪندو هو. سيد اميد علي شاھہ رضوي ذوالفقار علي ڀٽي، محترمہ بينظير ڀٽو ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي کي بہ ويجهو رهيو. سندن خانداني لاڳاپا پير غلام رسول شاھہ جيلانيءَ جي خاندان سان رهيا. ٽنڊي الهيار جي هن سياسي ۽ سماجي اڳواڻ 21 جون 2012ع تي وفات ڪئي، کيس سندس وصيت موجب سندس ئي حويليءَ جي ڀرسان امام بارگاھہ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
21.06.2010 عيسوي
اميد علي شاهه رضوي 21 جون 2012ع تي وفات ڪئي