اميد علي ڀٽ

اميد علي ڀٽ

اميد علي ڀٽ

اميد علي ڀٽ (فنڪار ):سنڌ جي نامياري راڳي اميد علي جو جنم 1971ع ڌاري ڳوٺ هڪڙا، تعلقي روهڙي ضلعي سکر ۾ ٿيو. هن جو تعلق سکر جي مشھور فنڪار گهراڻي سان هو. سندس والد امداد حسين عرف عيدن ڀٽ ريڊيو ۽ پي. ٽي. وي جو مشھور راڳي هو. پاڻ ڳائڻ جي تربيت ۽ سـکـيـا پـنهنجي والد ۽ مامي استاد زوار محمد جمن ڀٽ کان ورتائين. هن ننڍي عمر ۾ ئي راڳ جي شروعات ڪئي ۽ ڏينهن رات رياض ڪري پنھنجي آواز سان ڪلاسيڪل راڳ ڳائي مشهوري ماڻيائين. سندس سريلي آواز جي ڪري سينگار علي سليم کيس ڪي. ٽي. اين جي مقبول ڊرامي ”بالي“ ۾ مير علي نواز ناز جي ڪافي ’دلبر ملسي ڪهڙي وار‘ ڳارايو، جنهن کي هن تمام خوبصورت انداز ۾ ڳايو، جيڪا تمام گهڻي مقبول ٿي. اميد علي ريڊيو، پي. ٽي. وي، اسٽيج ۽ مختلف ٽي. وي چينلن تي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هن جو شمار سنڌ جي چند سريلن ۽ ڪلاسيڪل راڳين ۾ ٿئي ٿو. سنڌي ڪافي هجي يا غزل سندس ڳائڻ جو انگ نرالو رهيو، جنهن کي هُو سريلي آواز ۾ ڳائي داد حاصل ڪندو هو.
هن مشھور شاعرن جي شاعريءَ کي پنھنجي نئين انداز سان ۽ نيون ڌنون ڪري ڳايو آهي، جن ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرح، بيدل سائين، اختر درگاهي، اياز گل ۽ غلام نبي ناشاد شامل آهن. اميد جي ڳايل اختر درگاهي جي غزل ’دل جو دلبر ياد اچي ٿو‘، ’اي زمانان قرار ڳولي ڏيو‘ ۽ ’خوب نظرن سان نهاري ٿا ڇڏيو‘ شامل آهن. جڏهن تہ سندس ٻين ڪمپوزيشن ۾ اياز گل جي وائي ’کسجي ويندي اچتو آهي هر خوشبو‘ غلام نبي ناشاد جي غزل ”اکڙيون تہ مٺا تنھنجون منهنجي جان جلائين ٿيون“، شاھہ لطيف جو ڪلام ’پرچن شال پنهوار‘ ۽ بيدل جي ڪافين ۾ ’جوڳي والي ويس ۾‘، ’لٽ ڏتئي دل ساڏي‘، ’جاني جوڳي دا ڪر بهانا‘، ’نئون نياپو آيو‘، ’عشق دا اعلي شان‘، ’ڪو نہ ڏٺو سي جڳ منجهہ جيڏيون‘ ۽ ’آوس نيڙي يار‘ تمام گهڻيون مقبول ٿيون. کيس روهڙي ۾ بيدل سائين جي عرس جي موقعي تي 2006ع ۾ سندس فن جي مڃتا طور بيدل يادگار ڪاميٽيءَ پاران ’بيدل اوارڊ‘ مليو. هن 10 جنوري 2012ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1971  عيسوي

اميد علي جو جنم 1971ع ڌاري ڳوٺ هڪڙا ، تعلقي روهڙي ضلعي سکر ۾ ٿيو .


10.01.2012  عيسوي

اميد علي ڀٽ 10 جنوري 2012ع ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دين محمد بوبڪائي مخدوم
عبدالله خان ڪلهوڙو فقير
ڊي پي شرما
ايم ايڇ پنهور
ڪيف غزنوي
جوڻيجو منصور قادر
اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي
چاڪر خان جسڪاڻي
صمه حاڪم سنڌ
الھورايو نظاماڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون