اميربخش امير قريشي

اميربخش امير قريشي: اميربخش قريشي ولد امام بخش، شڪارپور ۾ 1906ع ڌاري ڄائو. شاعريءَ جو آغاز 1930ع کان ڪيائين. امير قريشي مشھور شاعر ۽ نثر نويس ٿي گذريو آهي. شڪارپور ۾ ئي کيس ادبي ماحول مليو. ان ڪري هن 20 سالن جي ڄمار کان شاعري شروع ڪئي ۽ ادبي محفلن ۾ حصو وٺڻ لڳو. خوراڪ کاتي ۾ ملازمت ڪيائين. شاعريءَ ۾ سندس استاد سرشار عقيلي هو. پاڻ ”محفلِ احباب“ جو صدر، ”جمعيت الشعراءِ“ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ۽ ڪيترن ئي ادبي ادارن جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. سندس تصنيفن ۾ ’جهنگل‘ (ناول)، ’انور‘ (ناول)، ’بياضِ امير‘ (شاعري) ۽ ’شڪوہ جواب شڪوہ‘ (شاعري) جو ترجمو قابل ذڪر آهن. پر اُهي ڪتاب اڃا شايع نہ ٿيا آهن. خوراڪ کاتي ۾ هڪ اعليٰ عهدي تان رٽائر ڪري، ڪجهہ وقت شڪارپور ۾ سڪونت پذير ٿيو، بعد ۾ ڪراچي منتقل ٿيو. پاڻ نهايت ئي نيڪ ۽ مهمان نواز طبيعت جو مالڪ هو. 1978ع ڌاري وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1906.00.00  عيسوي

اميربخش امير قريشي شڪارپور ۾ 1906ع ڌاري ڄائو


1978.00.00  عيسوي

امير بخش امير قريشي 1978ع ڌاري وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اختر درگاهي
منشي ٻالچند
پروين شاڪر
ارجن حاسد
سيد باغ علي شاھہ لکوي
ابو ضلع السندي
سيد مصري شاھہ امام رضوي
شيطان فقير
ثابت علي شاھہ ڪربلائي
چيٽرجي بنڪم چندر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون