امير آباد

اميرآباد: هن نالي سان جيڪب آباد ۽ شڪارپور ضلعن ۾ ديھہ ۽ ڳوٺ آباد آهن: ضلعي جيڪب آباد جي تعلقي ڳڙهي خيري جي هڪ ديھہ، جنهن ۾ امير آباد، لهڻو ڪوٽوهڙ ۽ اميربخش ميرالي نالي ڳوٺ آباد آهن. تعلقي ڳڙهي خيري جي ديھہ ”امير آباد“ ۾ هڪ ڳوٺ، هتي پرائمري اسڪول ۽ اسپتال موجود آهي. ٻيو ڳوٺ تعلقي شڪارپور جي ديھہ ”باريءَ“ ۾ آهي، هتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا پرائمري اسڪول موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو