امير بخش

امير بخش

امير بخش فقير

امير بخش فقير (راڳي ):امير بخش 1918ع ڌاري جمڙائو واھہ جي دلور موريءَ لڳ ڳوٺ الھہ يار خان ڪلوئي ۾ ڄائو. پاڻ اصل نسل زميندار هو. ذات جو ڪلوئيءَ هو. پر زمينداري ڇڏي يڪتارو ۽ کڙتال هٿ ۾ کنيائين. يڪتارو اهڙو تہ سر سان وڄائيندو هو، جو ان جي تند جو سوز وجود ۾ پيهي ويندو هو. ٻيراڻيءَ واري پريل فقير جو مريد ٿيو. فقير صاحب کي شاعري ۽ راڳ پنھنجي والد کان ورثي ۾ مليو هو، جيڪو منٺار فقير جو شاگرد هو. ائين منٺار فقير سندس ڏاڏو مرشد ليکبو. هن منٺار فقير کي بہ ڏاڍو ڳايو. 1958ع ڌاري ريڊيو تي پهتو. پاڻ ڪافي ڳائڻ جي لحاظ کان منفرد انداز رکندڙ هو. يڪتاري سان گڏ کڙتال، گهڙو، ڍولڪ ۽ دنبورو کڻندو هو. سندس ڳچيءَ ۾ ڪنٺو، ڳيڙو پٽڪو، گيڙو رنگ جو پهرياڻ پاتل سدائين، صوفياڻي سفر ۾ هوندو هو. سندس انداز جو يڪتاري ۽ کڙتال تي ڪافيون ڳائيندڙ فنڪار سنڌ اڃا پيدا ڪري نہ سگهي آهي. پاڻ دم جي بيماريءَ ۾ سال 1986ع ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.00.00  عيسوي

امير بخش 1918ع ڌاري ڳوٺ الهه يار خان ڪلوئي ۾ ڄائو


1986.00.00  عيسوي

امير بخش 1986ع ۾ وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حميد عظيم آبادي
بيکارام ديوراجاڻي ڊاڪٽر
سيد سليمان ندوي
محمد صادق ڊاڪٽر سيال
زاهد صديقي
قاضي اياز مهيسر
ڪي ايس ناگپال
الڪندي
انور جوکيو
انور عالماڻي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون