امير بيگم، بينظير ڀٽو سان گڏ اليڪشن جي ڏينهن

امير بيگم، بينظير ڀٽو سان گڏ اليڪشن جي ڏينهن

امير بيگم ڀٽو

امير بيگم ڀُٽو: شيرين امير بيگم ڀٽوولد خانبهادر احمد خان ڀٽو اڳوڻي وزيراعظم جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي پهرين گهر واري ۽ سئوٽ هئي. سندن شادي 1951ع ۾ ٿي. جڏهن ڀٽو صاحب 23 سالن جو هو ۽ بمبئي ۾ زير تعليم هو. جڏهن پاڻ اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿيو تہ هوءَ نئين ديري موٽي آئي ۽ ان بعد اتي ئي رهڻ لڳي. کيس ڪو بہ اولاد نہ هو. هن لبنيٰ نالي هڪ ڇوڪريءَ کي گود ورتو، جيڪا هن وقت سعودي عرب ۾ رهي ٿي. جڏهن ڀٽي صاحب کي موت جي سزا ٻڌائي ويئي هئي تہ ان وقت هن 8 ۽ 28 مارچ تي ساڻس راولپنڊي جيل ۾ ملاقات ڪئي هئي. شيرين امير بيگم کي بينظير ڀٽو، مرتضيٰ ڀٽو، شاهنواز ڀٽو ۽ صنم ڀٽو سان ڏاڍو پيار هو. 1988ع ۾ جڏهن بينظير ڀٽو پهريون دفعو چونڊون لڙيون تہ تڪ ۾ ڪيترن هنڌن تي هوءَ ساڻس گڏ ورڪ ڪرڻ بہ وئي هئي. هوءَ19 جنوري 2003ع تي دل جي دوري پوڻ سبب چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ گذاري ويئي. کيس ڳڙهي خدا بخش ۾ ڀٽي خاندان جي اباڻي قبرستان ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي قبر جي ويجهو دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.00.00  عيسوي

امير بيگم ڀُٽو شيرين امير بيگم ڀٽو ولد خانبهادر احمد خان ڀٽواڳوڻي وزيراعظم جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي پهرين گهر واري ۽ سئوٽ هئي . سندن شادي 1951ع ۾ ٿي . جڏهن ڀٽو صاحب 23 سالن جو هو ۽ -بمبئي- ۾ زير تعليم هو


2003.01.19  عيسوي

امير بيگم ڀُٽو 19 جنوري 2003ع تي دل جي دوري پوڻ سبب چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ گذاري ويئي . کيس ڳڙهي خدا بخش ۾ ڀٽي خاندان جي اباڻي قبرستان ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي قبر جي ويجهو دفنايو ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد محمد مڪي رحه
ديدار حسين شاھہ رضوي:
جعفر مخدوم بوبڪائي
ڀڳت کيمچند آسناڻي
مظهر ابڙو
حڪيم احمد حسين
بيگم ممتاز راشدي
ارجن آسومل ڀنڀاڻي
استاد نبي بخش مڱڻهار
ڏاهري متارو خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون