امير بھادر ثاني

امير بھادر ثاني: بھادر ثاني'>امير بھادر ثاني، امير فيروز خان دائودپوٽي جو فرزند هو، پيءُ جي وفات بعد پنھنجي قبيلي جو پڳدار/رئيس بڻيو، ان وقت پهرين ترائي (ضلعي شڪارپور) ۾ ابڙن سردارن سان سندس ڀائپي ۽ دوستيءَ جي لاڳاپن ۾ ڦيٽاڙو پيو. جنهن اتان ٻئي ڪنهن جڳھہ تي سڪون سان رهڻ لاءِ زمين يا جاگير حاصل ڪرڻ لاءِ سرگردان رهيو. نيٺ وڏين سياسي ۽ سفارتي ڪوششن بعد اتر سنڌ ۾ موجودہ شڪارپور واري جاگير حاصل ڪري، ٻيلا وڍائي هڪ نئين وسندي قائم ڪري ’شڪارپور‘ جو نالو ڏنائين. امير بھادر ثانيءَ جي شڪارپور واري جاگير حاصل ڪرڻ ۾ مورخن ۽ محققن ۾ اختلاف آهي. هڪڙن جو اهو چوڻ آهي تہ امير بھادر خان اها قطع زمين بکر جي نواب کان حاصل ڪئي، ٻين محققن جو چوڻ آهي تہ بھادر ثاني'>امير بھادر ثاني موجودہ شڪارپور واري قطع زمين تڏهوڪي سبيءَ جي گورنر مرزا خان کان ورتي. ناليوارو محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو تہ: ’دائود پوٽن جي بھادر خان هن شھر جو بنياد وڌو، هن اورنگزيب بادشاھہ طرفان ۽ سبي جي ڍاڍر جي نواب مرزا کان سنڌو نديءَ جي ڪناري سان وڏي ايراضي، جنهن ۾ خانپور، ترائي ۽ سکر وارا علائقا هئا، مقاطعي تي ورتا. اتي ٻيلا ۽ شڪار گاھہ هئا، ان بعد دائودپوٽن 1026ھہ/1617ع ۾ شڪارپور شھر جو بنياد وڌو. امير بھادر خان 1678ع تائين حڪومت ڪري 81 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي ۽ سندس فرزند امير مبارڪ خان شڪارپور حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو، جيڪو ان وقت ننڍو هو.


لفظ امير بھادر ثانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو